لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ غير موزون قرار ڏئي ڇڏيو.
نهجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ مڪي آرٿر چيو ته ٻئي سٺا رانديگر آهن ۽ پر هاڻ ڪرڪيٽ تبديل ٿي چڪي آهي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي لاءِ موزون نه آهن.
مڪي آرٿر پاڪستان ٽيم جي موجوده ڪوچ مائيڪ هيسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هيسن ۽ سلمان علي آغا پنهنجي حڪمت عملي تحت ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهين ٿا.
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي شامل نه ڪيو ويو هو.