شڪيب الحسن لاءِ تاريخي ڏينهن، دنيا جي عظيم ترين آل رائونڊرز شامل

اڳوڻي بنگلاديشي ڪپتان ۽ ليجنڊري آل رائونڊر شڪيـب الحسن پنهنجي شاندار ٽي ٽوئنٽيڪيريئر ۾ هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو، هو 500 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پنجون بالر بڻجي ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ’ڪرڪ انفو‘ موجب، شڪيـب الحسن اِهو ڪارنامو ڪيريبيئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل) 2025 دوران سرانجام ڏنو.
شڪيـب الحسن پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان کي آئوٽ ڪري 500هين وڪيٽ مڪمل ڪئي، جڏهن ته ميچ دوران هن وڌيڪ ٻه وڪيٽون پڻ پنهنجي نالي ڪيون.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي فهرست ۾ راشد خان 660 وڪيٽن سان پهرئين، ڊيون براوو 631 سان ٻئي، سنيل نارائن 590 سان ٽئين ۽ عمران خان 554 سان چوٿين نمبر تي موجود آهي.
ان باوجود شڪيـب الحسن اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ دنيا جو اڪيلو آل رائونڊر آهي، جنهن 500 وڪيٽن سان گڏ مختصر فارميٽ ۾ 7 هزار رنسون به ٺاهيون آهن.
ان کانسواءِ هو 9 ڀيرا پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي، جيڪو ٽي ٽوئنٽي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ان کانپوءِ ڀارت جي ويرات ڪوهلي 8 ڀيرا ۽ سري لنڪا جو ونندو هسارنگا 7 ڀيرا اِهو اعزاز ماڻي چڪا آهن.
اسپنرن ۾ هو عمران طاهر سان گڏ سڀ کان وڌيڪ 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو (5 ڀيرا) سرانجام ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.