”ڀيڻن کان خدمت ڪرائڻي آهي پر ملڪيت مان حصو ناهي ڏيڻو“ وراثتي حصي خلاف ڀاءُ جي درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڀيڻ جي وراثت جي حصي خلاف ڀاءُ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم افغان ريمارڪس ڏنا ته ڀائرن کي ڀينرن کان خدمت ڪرائڻي آهي پر ملڪيت مان حصو ناهي ڏيڻو، ڀيڻون کاڌو تيار ڪنديون آهن، گهر جي صفائي ڪنديون آهن.
جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏنا ته قرآن پاڪ ۾ ڀيڻ جو حصو لکيو ويو، قرآن جي حڪم کان ڪيئن انڪار ٿو ٿي سگهي، ملڪيت جي ورهاست جي دستاويز تي ڀيڻ جون صحيحون ناهن.
ڀاءُ جي وڪيل چيو ته ڀيڻ مريم کي حصو ڏنو ويو هو پر هوءَ سمجهي ٿي ته کيس گهٽ حصو مليو آهي پر عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڀاءُ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.