اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 18 افغان شهرين کي واپس موڪلڻ جي ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ کان روڪيندي گهرو وزارت، نادرا، ڊي جي اميگريشن، ايف آءِ اي ۽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو.
چيف جسٽس سرفراز ڊوگر افغان شهرين جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالتي حڪم نامي موجب حڪومت 4 آگسٽ تي درخواستگذارن جا پي او آر ڪارڊ رد ڪري واپسي جو حڪم ڏنو هو، درخواستگذار جي وڪيل طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار فضل الرحمان نالي شخص جي خاندان سان واسطو رکن ٿا، فضل الرحمان مرحوم سال 2008 ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ شهريت لاءِ درخواست ڏني هئي پر ان تي اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪيو ويو.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي روڪي وڃي ٿي.
عدالت ڌرين کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيراوائز ڪمينٽس جمع ڪرايو، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.
You might also like