اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز لاهور کان ڪراچي تائين تيز رفتار بلٽ ٽرين هلائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو، منصوبي مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهي شهرن جي وچ وارو سفر رڳو 5 ڪلاڪ ۾ طئي ٿيندو.
ريڊيو پاڪستان موجب لاهور کان ڪراچي بلٽ ٽرين 2030 تائين هلائڻ جو ارادو آهي.
اهو منصوبو 1215 ڪلوميٽر ڊگهي هاءِ اسپيڊ ريل لائين تي ٻڌل هوندو، جيڪو چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) تحت 6.8 ارب ڊالر ماليت واري ايم ايل-1 اپ گريڊ منصوبي جو حصو آهي.
ريلوي واري وزير حنيف عباسي موجب منصوبي ۾ چين جي مدد شامل هوندي ۽ اهو چائنا ريلوي ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو.
بلٽ ٽرين جي رفتار 250 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين هوندي، جڏهن ته اها حيدرآباد، ملتان ۽ ساهيوال جهڙن اهم شهرن مان گذرندي، منصوبي ۾ نئين ٻٽي پٽڙي وڇائڻ، پراڻين پلن جي ٻيهر تعمير ۽ جديد سگنلنگ نظام لڳائڻ به شامل آهي.
اختيارين موجب اهو منصوبو نه رڳو عوام کي تيز، آرامده ۽ محفوظ سفر فراهم ڪندو پر ان سان گڏ هزارين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.
You might also like