لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ون ڊي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
فاطمه ثناءَ پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندي، وومين ٽيم عالمي ڪپ کان اڳ ڏکڻ آفريقا سان 3 ون ڊي ميچون پڻ کيڏندي.
وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ 30 سپٽيمبر کان 2 نومبر تائين شيڊيول آهي، جڏهن ته پاڪستان جون هڙئي ميچون سريلنڪا ۾ ٿينديون.
نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سعديه اقبال، شوال ذوالفقار ۽ سيده عروب شاهه پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊڪپ کيڏنديون.
آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪواليفائر اسڪواڊ ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، گل فيروزا ۽ نجيحه علوي کي ڊارپ ڪيو ويو آهي.
عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ فاطمه ثناءَ (ڪپتان)، منيبا علي صديقي، عاليا رياض، ڊيانا بيگ، ايمان فاطمه، نشرا سنڌو، نتاليا پرويز، عمائمه سهيل، رامين شميم، صدف شمس، سعديه اقبال، شوال ذوالفقار، سدره امين، سدره نواز ۽ سيده عروب شاهه شامل آهن.
ان کانسواءِ گل فيروزا، نجيحه علوي، طوبيٰ حسن، ام هاني ۽ وحيدا ختر کي نان ٽريولنگ ريزروز طور چونڊيو ويو آهي.
وومينز ون ڊي ورلڊڪپ: 15 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، پهريون ڀيرو فاطمه ثناءَ ڪپتان
You might also like