غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزا جي النصر اسپتال تي هڪٻئي پٺيان حملن ۾ صحافين سميت 20 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سومر ڏينهن اسرائيلي فوج اسپتال کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ پنج صحافي به شهيد ٿي ويا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهيد صحافين ۾ روئٽرز جو ڪيمرامين حسام المصري، آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس ۽ برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ جو صحافي ابو دقه، آمريڪي ٽي وي اين بي سي نيٽورڪ جو صحافي ابو طحٰه، الجزيره جو فوٽو جرنلسٽ محمد سلامه ۽ قديس نيوز جو احمد عزيز شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ۽ وزيراعظم آفيس طرفان النصر اسپتال تي ٿيل حملي بابت اڃا تائين ردعمل ناهي ڏنو ويو.
رپورٽ موجب، پنج وڌيڪ صحافين جي شهادت کانپوءِ غزا ۾ آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿيل اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل صحافين جو انگ وڌي 245 ٿي ويو آهي.
You might also like