ايشياڪپ: ” پاڪستان سان ناهي کيڏڻو“ شيو سينا جو مودي کي خط

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سياسي جماڳت شيو سينا جي اهم اڳواڻن ۽ ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايشيا ڪپ دوران رٿيل ميچ خلاف آواز اٿاريندي وزيراعظم ۽ سڌ سماءُ واري وزير کي خط لکي ڇڏيو.
شيو سينا جي اڳواڻ ۽ پارليامينٽ ميمبر سنجي رائوت وزيراعظم نريندر مودي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ”پهلگام حملي ۾ مارجي ويل ڀارتي شهرين جو رت ۽ سندس پوئنرن جا ڳوڙها به اڃا نه سُڪا آهن، اهڙين حالتن ۾ پاڪستان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ غيرانساني آهي.“
هن پنهنجو خط سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ۽ وزيراعظم، گهرو وزير امت شاهه ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) کي پڻ ٽيگ ڪيو.
شيو سينا جي ترجمان ۽ پارليامينٽ رڪن پريانڪا چترويدي به سڌ سماءُ واري وزير اشوني وشنو کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ شيڊيول ميچ سڌي سنئين ( لائيو) نشر نه ڪئي وڃي.
خط جي متن موجب” ڀارتي عوام ڪاوڙيل آهي، سڄو ملڪ آپريشن سندور ۾ حڪومت سان گڏ بيٺو رهيو ۽ وزيراعظم پاڻ چيو هو ته آپريشن اڃا جاري آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان سان رابطا ان حمايت سان غداري هوندي.“
واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو هو، جنهن جي پاڪستان سخت ترديد ڪئي هئي.
ان کان پوءِ ڀارت ”آپريشن سندور“ نالي جڙتو آپريشن دورران پاڪستان اندر پنهنجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پاڪ آرمي جي ڀرپور جواب ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
ويجهڙ پارلياماني اجلاس دوران وزيراعظم ۽ ٻين اڳواڻن واضح لفظن ۾ چيو هو ته ” آپريشن سندور ختم ناهي ٿيو، ان کي روڪيو ويو آهي.“
اجلاس دوران مجلس اتحاد المسلمين( ايم آءِ ايم) جي اڳواڻ اسدالدين اويسي به پاڪ-ڀارت ميچ تي سوال اُٿاريندي چيو هو ته ” ڇا توهان جو ضمير اجازت ڏئي ٿو ته شهيدن جي وارثن کي چيو وڃي ته اچو پاڪ-ڀارت ميچ ڏسو؟“
ياد رهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت، عمان، پاڪستان ۽ گڏيل عرب عمارتن کي گروپ ”اي“ ۾ رکيو ويو آهي، جتي ڀارت جي پهرين ميچ 10 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارتن خلاف آهي، جڏهن ته ٽورنامينٽ جو مها دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ 14 سيپٽمبر تي دبئي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.