راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سي پي او کي درخواست ڏئي ڇڏي.
وڪيل تابش فاروق اها درخواست ڪوريئر سروس ذريعي سي پي او آفيس موڪلي آهي.
درخواست ۾ پي ٽي آءِ باني کي قيد ۾ سهولتون نه ملڻ جو نقطو اٿاريو ويو آهي.
وڪيل پنجاب جي وزيراعليٰ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ سپرنٽنڊنٽ جيل سميت 8 ماڻهن جا نالا شامل آهن، جڏهن ته اي ايس پي زينب ۽ ايس ايڇ او اعزاز کي به ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي وزيراعليٰ جي هدايت تي جيل ۾ قيدي جا حق به نه پيا ڏنا وڃن، عمران خان جي سيل ۾ روشني به ناهي، کيس گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت ناهي، اهي سمورا قدم مريم نواز جي هدايتن تي کنيا پيا وڃن.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڊيالا جيل پنجاب جي حدن ۾ اچي ٿي، مريم نواز اڳ به ڌمڪيون ڏئي چڪي آهي، هن چيو هو ته پي ٽي آءِ ه باني هڪ فتنو آهي، جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت چوڪي انچارج گڏيل مشوري سان گهرڀاتين کي هيسائن ٿا، پي ٽي آءِ باني خلاف قدم ۽ ڀينرن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي به ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، مريم نواز سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.
You might also like