مودي سرڪار جي ” گيمنگ بل“ بي سي سي آءِ کي رولي ڇڏيو، ڊريم اليون سان سوين ڪروڙ ماليت جو معاهدو ختم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپانسر ڪمپني ڊريم 11 نئين گيمنگ بل پاس ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) سان پنهنجو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو.
ڀارتي پارليامينٽ ڪجهه ڏينهن اڳ آن لائين گيمز بابت ”پروموشن اينڊ ريگيوليشن آف آن لائين گيمنگ بل 2025“ منظور ڪيو جنهن تحت رقم جي ڏيتي ليتي تي ٻڌل آن لائين گيمز تي مڪمل پابندي لاڳو هوندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بل جو مقصد ته آن لائين گيمنگ جي مشهوري ۽ جوا جهڙي ڪُڌي عمل جي روڪٿام آهي، پر امن بل کانپوءِ جتي گيمنگ انڊسٽري کي ڌچڪو لڳو آهي، اتي ئي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپانسر ڪمپني ڊريم 11 به بي سي سي آءِ سان پنهنجو معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، فئنٽسي ڪمپني ڊريم 11 بي سي سي آءِ کي آگاهه ڪيو آهي ته هو نئين بل کانپوءِ ڀارتي ٽيم لاءِ پنهنجي اسپانسرشپ ختم ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته نئين بل پاس ٿيڻ بعد ان جا ڪيش گيمز بند ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڊريم 11 طرفان معاهدو ختم ڪرڻ کانپوءِ بي سي سي آءِ کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيندو.
رپورٽ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته بي سي سي آءِ ۽ ڊريم 11 جي وچ ۾ اسپانسرشپ جو معاهدو سال 2023 ۾ ٿيو هو، جيڪو 2026 تائين جاري رهڻو هو۽ ان معاهدي جي ماليت 44 ملين ڊالر (358 ڪروڙ ڀارتي رپيا) هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.