ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ مقرر ڀارتي سفير چيو آهي ته ڀارت پنهنجي هڪ ارب 40 ڪروڙ عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ جتان به ”بهتر سودو“ ملندو، اتان تيل خريد ڪندو رهندو.
وني ڪمار جو اِهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل 50 سيڪڙو واڌو ٽيڪس جي عملداري ۾ رڳو ٻه ڏينهن بچيا آهن، ٽرمپ طرفان مڙهيل ٽيرف مان 25 سيڪڙو روسي تيل ۽ هٿيار خريدڻ تي ڏنڊ طور شامل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ آچر تي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو هو ته ٽرمپ پاران ڀارت تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو مقصد روس تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ ۽ کيس يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ آهي.
يوڪرين جنگ جي شروعات کانپوءِ ڀارت طرفان روسي تيل جي خريداري ۾ واڌ سبب ڀارت-امريڪا لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ ٿيندڙ ڳالهيون به متاثر ٿيون آهن.
2024 ۾ ڀارت جي تيل جي ڪل درآمدات مان 35 کان 40 سيڪڙو روسي خام تيل تي ٻڌل هو، جڏهن ته 2021 ۾ اها شرح رڳو 3 سيڪڙو هئي.
آمريڪا جو الزام آهي ته ڀارت طرفان روسي تيل جي خريداري يوڪرين ۾ جنگ لاءِ فنڊ مهيا ڪري رهي آهي، پر دهلي ان الزام کي رد ڪندو رهيو آهي.
آچر ڏينهن وني ڪمار مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي واپار جو دارومدار مارڪيٽ عنصرن تي آهي ۽ ان جي ترجيح مقامي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ توانائي جي حصول کي يقيني بڻائڻ آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي ان موقف کي ورجايو ته ٽرمپ طرفان واڌو ٽيڪس مڙهڻ وارو فيصلو ” غير منصفاڻو“ آهي.
ان کان اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جَي شنڪر پڻ روسي ڪچي تيل جي خريداري جو دفاع ڪندي چيو هو ” اِها کِل جوڳي ڳالهه آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي ڪاروبار جا حامي آمريڪي انتظاميا لاءِ ڪم ڪن ٿا، اهي ٻين تي ڪاروبار ڪرڻ جو الزام مڙهي رهيا آهن.“
You might also like