غزا (م ڊ) اقوام متحده غزا کي مڪمل ڏڪار سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزا ۾ صبح کان اسرائيلي بمباري ۽ فائرنگ سبب 30 فلسطيني جان وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته اقوام متحدا جي هڪ معاون اداري غزا ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي مڪمل ڏڪار سٽيل قرار ڏنو آهي. قطري نشرياتي اداري ’’الجزيره‘‘ موجب،صبح فجر کان اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 30 تائين پهچي ويو آهي. طبي ذريعن موجب، انهن مان 24 شهيد غزا سٽي ۾ ٿيا، خان يونس جي نصير اسپتال ٻن شهيدن جي تصديق ڪئي، جڏهن ته اسرائيلي فوج شهر جي اتر اولهه تي حملو ڪيو. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق غزا ۾ 5 لک کان وڌيڪ فلسطيني بک ۽ موت جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڏڪار جي صورتحال سيپٽمبر جي آخر تائين دير البلح ۽ خان يونس تائين وڌي سگهي ٿي، جنهن سان وڌيڪ 5 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه، 10 لک 70 هزار ماڻهو ايمرجنسي واري حالت ۾ آهن، جڏهن ته 3 لک 96 هزار ماڻهو ’’بحران‘‘ جي مرحلي ۾ آهن.