اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (FPSC) طرفان سي ايس ايس 2025ع جي لکت امتحان جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ صرف 2.77 سيڪڙو اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، ڪميشن امتحاني نتيجن جي مڪمل فهرست پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب سي ايس ايس جي لکت امتحان ۾ ڪاميابي جو تناسب 2.77 سيڪڙو رهيو، سي ايس ايس لاءِ 18،139اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون، جن مان 12,792 اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صرف 354 اميدوار ڪامياب ٿيا.