ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ معذوري ڪوٽا تي سيڪنڊري اسڪول استاد جي ڀرتي نه ڪرڻخلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين سرڪاري وڪيل کان انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ طلب ڪري ورتوآهي .جسٽس فيصل ڪمال عالم پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته انٽرويو ۾ ڪهڙا سوال پڇيا ويا، درخواست ڏيندڙ کي ڪهڙي بنياد تي ناڪام قرار ڏنو ويو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عديل مجاهد ايس پي ايس سي جي لکت واري امتحان ۾ پاس ٿيو، درخواستگذار ۽ ٻين معذور ماڻهن کي انٽرويو ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو آهي، معذور ماڻهن لاءِ مخصوص 13 سيٽن مان ڇهن ماڻهن کي ميرٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، معذور ماڻهن لاءِ مخصوص سيٽن تي ڪنهن به معذور کي ڪامياب قرار نه ڏنو ويو آهي.
-
صحافي تي حملي ڪيس ۾ ارمغان تي فرد جرم جي تاريخ مقرر
ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ۾ ملوث جوابدار ارمغان خلاف صحافي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جيل انتظاميا پاران جوابدار ارمغان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 26 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.