ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي سيڪريٽري آبي وسيلن کي ذاتي حيثيت ۾ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي 16 سٽيمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقررنه ڪرڻ ، عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ انعام الله ڌاريجو ۽ آبي وسيلن جي سيڪريٽري علي مرتضيٰ ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، وفاقي حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدالت پاران سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ ڌريون ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿين، عدالت چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ انعام الله ڌاريجو ۽ آبي وسيلن جي سيڪريٽري علي مرتضيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته حڪمن جي باوجود پيش نه ٿيا ته ٻنهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سنڌ مان ارسا جو وفاقي ميمبر ڇو نٿا مقرر ڪيو؟ جسٽس ڪي ڪي آغا ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته عدالت جي فيصلي تي اڃا تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، ڇا توهان وفاق ۽ جمهوريت تي يقين رکو ٿا؟ آئين تي عمل ڇو نه ٿي رهيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪئي وئي هئي، عدالت ان درخواست کي به اڪلائي ڇڏيو آهي، درخواست 2013 ۾ داخل ڪئي وئي هئي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وفاق سنڌ جي بدران ڪٿان کان ميمبر مقرر ڪيا آهن، وڪيل چيو ته انهن پنجاب مان ارسا جو هڪ وفاقي ميمبر مقرر ڪيو آهي، عدالت وفاقي سرڪار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان ماڻهو ارسا ۾ سنڌ مان ميمبر ڇو نه ٿا مقرر ڪريو، ايندڙ ٻڌڻي ۾ عدالت جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پڇاڻو ڪندي چيو ته آرسا ۾ ڪيترا ميمبر آهن؟ وڪيل فيضان ميمڻ چيو ته ارسا ۾ ڪل پنج ميمبر آهن، هر صوبي ۽ وفاق مان هڪ ميمبر مقرر ڪيو ويندو آهي، درخواستگذار جي وڪيل فيضان ميمڻ چيو ته 2017 ۾ عدالت درخواست تي پنهنجو فيصلو ڏنو هو، 2017 کان وٺي، عدالت جي فيصلي تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نٿو ڪيو وڃي.