سياستدانن کي نون صوبن ۽ 18هين ترميم تي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون

نيو يارڪ (شهباز گل) ڪنهن کي مارشل لا يا حڪومت کي گهرو ڀيڙو ڪرڻو هوندو آهي ته ته گورننس، مهانگائي ۽ ڪرپشن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ مقبول واپاري احسن تنوير کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، ان کان اڳ هو نگران وفاقي وزير رهي چڪو آهي. هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ ڦرلٽ، گورننس جي معاملن جو ذڪر ڪيو آهي. هن زور ڏنو ته ارڙهين ترميم ۾ جيڪو اين ايف سي نظام آهي، ان کي ختم ڪرڻو پوندو يعنيٰ ان لاءِ آئيني ترميم آڻڻي پوندي. 27هين ترميم لاءِ اڃا ڪو وڏو بيانيو گهرجي جيڪو صوبن جو بيانيو آهي. ان جي بنياد تي آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي ان ئي دوران فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ جو رستو به هموار ڪيو ويندو. احسن تنوير ٽي وي تي ڳالهيون به ڪيون، سڀني ٽي وي چينلن کي ڀرپور ڪوريج ڏني، يعنيٰ ان ڪوريج پٺيان ڪو نظام هوندو. احسن تنوير چيو ته مڪاني ادارا ڪم ناهن ڪري رهيا، هن اهو به چيو ته نوان صوبا به ٺهڻ گهرجن. ڪراچي وارا به چوندا نوان صوبا ٺهن، هزارا، سرائيڪي به چوندا ته صوبو ٺهي. ان بيانيي تي ڪيترائي ماڻهو فيلد مارشل سان گڏجي وينديون.

ان تي پ پ ۽ ن ليگ ڊڄي ويا ته پوءِ فيلڊ مارشل ارڙهين ترميم ۽ صوبن کي ڇڏي 27هين ترميم تي سوديبازي ڪندو. فيلڊ مارشل ان لاءِ احسن تنوير کان ماحول ٺهرائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.