ڪراچي/سانگهڙ (رپورٽر/ محمد حسين بلوچ) سانگھڙ ۾ سينيئر صحافي خاور حسين جي لاش ملڻ جو معاملو، پوسٽ مارٽم مڪمل، لاش مرده خان منتقل ڪيو ويو، سانگھڙ ۾ سينيئر صحافي خاور حسين جي پرسرار موت واري واقعي ۾ ايس ايس پي سانگھڙ عابد علي بلوچ جي نگراني ۾ سول اسپتال سانگھڙ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جتي فنگر پرنٽس ۽ ضروري ثبوت گڏ ڪيا ويا. مرحوم جي وارثن جي پهچڻ تائين لاش کي حيدرآباد جي سردخاني منتقل ڪيو ويو آهي. مرحوم صحافي خاور حسين جا والدين آمريڪا مان پاڪستان لاءِ روانا ٿي رهيا آهن، جنازي ۽ تدفين جو حتمي فيصلو سندن آمد بعد ڪيو ويندو. گذريل رات ڪراچي جي سينيئر صحافي خاور حسين جو لاش سانگھڙ حيدرآباد روڊ تي نجي هوٽل ڀرسان سندس ئي ڪار مان مليو، جنهن ۾ کيس گولي لڳل هئي. اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سانگھڙ واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪئي. هن جو چوڻ هو ته في الحال اها ڳالهه نٿي چئي سگهجي ته موت خودڪشي سبب ٿيو يا قتل، حقيقت پوسٽ مارٽم ۽ جاچ بعد سامهون ايندي، واقعي بعد ڊي آءِ جي نوابشاهه جي هدايت تي جِيُو فرانزڪ ٽيم به موقع تي پهچي جاچ ڪئي. واضح رهي ته سينيئر صحافي خاور حسين ڪافي وقت کان ڪراچي ۾ صحافت ڪندو رهيو ۽ مختلف ٽي وي چينلن سان لاڳاپيل رهيو. هو اصل ۾ سانگھڙ شهر عيدگاه جو رهواسي هو. سندس اوچتي ۽ پرسرار موت تي سانگھڙ شهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار سينيئر صحافي خاور حسين جي پرُاسرار موت جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي سربراهي گريڊ 21 جي هڪ اعليٰ آفيسر جي حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻن ڊي آءِ جيز سان گڏ سانگھڙ جا ايس ايس پي عابد علي بلوچ به ڪميٽي جا ميمبر هوندا، مرحوم خاور حسين جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ميت کي حيدرآباد جي سردخاني منتقل ڪيو ويو آهي. خاور حسين جي نمازِ جنازه سڀاڻي نمازِ ظهر کان پوءِ سندن آبائي ڳوٺ سانگھڙ ۾ ادا ڪئي ويندي.هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته جاچ بهترين آفيسر جي حوالي ڪئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته موت جي اصل سبب ڳولڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سينئر صحافي ۽ اينڪر پرسن خاور حسين جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي گورنر چيو ته خاور حسين جو قتل صحافت ۽ سماج لاءِ هڪ وڏو الميو آهي ۽ قتل جي مڪمل ۽ شفاف جاچ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جوابدار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
-
خاور حسين هوٽل ٻاهران گاڏي بيهارڻ کانپوءِ 2 ڀيرا واش روم ويو: ڊي آءِ جي
سانگھڙ: صحافي خاور حسين جي موت واقعي بابت سي سي ٽي وي فوٽيچ ۽ پوليس جا اهم انڪشاف سامهون آيا آهن، ڊي آءِ جي شهيدبينظير آباد فيصل بشير ميمڻ چيو آهي ته سينيئر صحافي خاور حسين جي موت واري معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سي سي ٽي وي فوٽيچ مان اهم تفصيل سامهون آيا آهن.ڊي آءِ جي موجب خاور حسين پنهنجي حفاظت لاءِ هميشه پسٽول پاڻ سان رکندو هو. واقعي واري ڏينهن هوٽل جي ٻاهران گاڏي بيهارڻ کان پوءِ ٻه ڀيرا واش روم ويو، فٽيچز ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته خاور پهريون ڀيرو گاڏي مان لهندي هوٽل جي مئنيجر کان واش روم جو پتو پڇي ٿو، پوءِ واپس گاڏي ۾ اچي ويهي ٿو. ان کانپوءِ ٻيهر لهندي چوڪيدار کان واش روم جو پتو وٺي وڃي ٿو ۽ ٿوري دير بعد واپس اچي گاڏي ۾ ويهي ٿو. ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ ٻڌايو ته سي سي ٽي وي ڪئميرا ڊرائيونگ سيٽ جي ابتڙ پاسي لڳل هئڻ سبب گاڏي جي اندر جو منظر نظر نه اچي سگهيو. مئنيجر چوڪيدار کي چيو ته گاڏي گهڻي دير کان بيٺل آهي ۽ ڪو آرڊر به نه ڪيو ويو آهي، جنهن تي چوڪيدار ويجهو ويو ته گاڏي ۾ خاور حسين جي گولي لڳل لاش موجود هو، ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته شروعاتي خبر پئي آهي ته خاور ڊپريشن جو شڪار هو، پر ڪنهن به حتمي نتيجي تي نه پهتا آهيون. جاچ سڀني رخن تان جاري آهي.
-
خاور حسين جي موت جي هر پاسي کان جاچ ڪئي وڃي: ضياءُ الحسن لنجار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو معاملن، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سينئر صحافي خاور حسين جي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ خاور حسين جي مغفرت ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته ايس ايس پي سانگهڙ ضلعي کي واقعي جي سڀني پهلوئن جي جاچ ڪرڻ گهرجي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
-
صحافي خاور حسين هڪ فرض شناس ۽ ذميوار شخص هو: بلاول ڀٽو
ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اينڪر ۽ سينئر صحافي خاور حسين جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافي خاور حسين جي موت تي مرحوم جي وارثن ۽ ڪراچي جي صحافي برادري کي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته صحافي خاور حسين هڪ فرض شناس ۽ ذميوار پيشه ور هو، سندس اوچتو وڃڻ صدمو ڏيندڙ هو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي جي صحافي برادري اڄ هڪ سرگرم ۽ متحرڪ ساٿي کي وڃائي ڇڏيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي صحافي خاور حسين جي المناڪ حادثي ۾ موت جي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون.
ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سانگهڙ ۾ سينئر صحافي خاور حسين جي غير فطري موت جو نوٽيس ورتو آهي.
-
خاور حسين جي موت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن
ڪراچي (م ڊ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري خواجه نويد امين ايڊووڪيٽ، ڊان نيوز جي رپورٽر ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر خاور حسين جي پرسرار موت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، زين شاهه چيو ته خاور حسين جي لاش جو سانگهڙ مان سندن گاڏي مان هٿ اچڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، سيد زين شاهه ۽ خواجه نويد چيو ته خاور حسين جي پرسرار موت ڪيترائي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته هي صحافي برادري لاءِ وڏو نقصان آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، خاور حسين جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي، زين شاهه وڌيڪ مطالبو ڪيو ته واقعي جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي،
موت جا اصل سبب ۽ پردي پٺيان عنصر بي نقاب ڪيا وڃن ۽ ملوث ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
صحافتي تنظيمن طرفان خاور حسين جي موت جي جاچ جو مطالبو
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافتي تنظيمن طرفان صحافي خاور حسين جي موت جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر جي رپورٽر خاور حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪراچي پريس ڪلب مان جاري بيان ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل ۽ گورننگ باڊي چيو آهي ته خاور حسين جو لاش سانگهڙ مان ان جي گاڏي مان هٿ اچڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن صحافي برادري کي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، خاور حسين سنجيده ۽ باوقار انسان هو، ان جي بي وقتي موت صحافي برادري کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت هن واقعي جي غير جانبداراڻه جاچ ڪري خاور جي موت جا اصل ڪارڻ ۽ پردي پويان سبب سامهون آڻي، ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ڏک جي گهڙي ۾ خاور حسين جي پونئنرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي، هنن چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل ڏئي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي صدر اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار نقوي، نائب صدر محمد ناصر شريف، راهب ڳاهو، خزانچي ياسر محمود، جوائنٽ سيڪريٽريز طلحه هاشمي، روبينا ياسمين ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن سينئر صحافي خاور حسين جي سانگهڙ ۾ گاڏي ۾ موت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کان فوري طور تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
-
صحافي خاور حسين جي موت جي جاچ ڪئي وڃي:جماعت اسلامي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا نوجوان صحافي ۽ خانگي ٽي وي (ڊان نيوز) جي رپورٽر خاور حسين جي پر اسرار موت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.صوبائي امير زور ڀريندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ گهرو وزير کي گهرجي ته خاور حسين جي موت جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ ان ڏکوئيندڙ واقعي جي اڻڌري جانچ ڪئي وڃي ته جيئن صحافتي برادري ۾ پيدا ٿيل بيچيني جو خاتمو ٿي سگهي.جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي کان پوءِ صحافي خاور حسين جي پر اسرار ۽ المناڪ موت سموري صحافي برادريءَ ۾ عدم تحفظ ۽ بي چيني ۾ اضافو ڪيو آهي، انڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هن افسوسناڪ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري.
-
علي خورشيدي ۽ اويس قادر شاهه طرفان خاور حسين جي موت تي ڏک جو اظهار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ڊان نيوز جي رپورٽر خاور حسين جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو.سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مرحوم جون صحافت ۾ خدمتون ناقابل فراموش آهن، الله مرحوم جي مغفرت ڪري ۽ کيس اعليٰ درجو عطا ڪري. علي خورشيدي چيو ته هو خاندان جي ميمبرن جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهي، سنڌ حڪومت کي واقعي جي شفاف جاچ ڪرڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه صحافي خاور حسين جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. خاور حسين هڪ باصلاحيت ۽ مخلص صحافي هو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ چيو ته خاور حسين جي صحافتي خدمتن جي هميشه تعريف ڪئي ويندي، الله تعاليٰ مرحوم خاور حسين جي خاندان کي صبر عطا فرمائي، صوبائي وزير جيل علي حسن زرداري سينئر صحافي خاور حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو،صوبائي وزير علي حسن زرداري خاندان سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. خاور حسين هڪ صحافي هو جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ماهر هو،صوبائي وزير علي حسن زرداري مرحوم خاور حسين جي مغفرت ۽ وارثن جي صبر ۽ همت جي دعا ڪريان ٿو.