بونير (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي بونير ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب 400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 671 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 هزار 300 گهر، 6 اسڪول، 2 ٿاڻا ۽ 639 گاڏيون تباهه ٿي ويون. ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف قيوم موجب 4 هزار کان وڌيڪ ڍور لڙهي ويا، 127 دڪان مڪمل ۽ 824 جزوي طور متاثر ٿيا، 2 وڏيون پليون لڙهي ويون. هن چيو ته نقصان تمام وڏو آهي ۽ بحالي ۾ وقت لڳندو. ٻئي پاسي پاڪ فوج به ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي، متاثر خاندانن کي راشن ۽ بسترا فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته هيلي ڪاپٽر ذريعي به امداد جاري آهي.