اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم تي مڪمل عمل ڪيو وڃي: اي پي سي\ن ليگ ۽ پ پ جو گڏيل پڌرائي تي صحيح کان انڪار

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) اي اين پي پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرائي جاري ٿي وئي،مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي،وفاقي وزير طارق فضل چوڌري۽ پ پ جي نيئر بخاري اي پي سي جي پڌرائي تي صحيح نه ڪئي،عرفان صديقي جو چوڻ هو ته اهي اسان جا نه توهان جا مطالبا ۽ توهان جو موقف آهي،جڏهن پڌرائي پڙهي پئي وئي ته ان مهل اهي ٽئي اڳواڻ اجلاس مان اٿي هليا ويا، اي پي سي ۾ 18هين آئيني ترميم جي اصل روح موجب مڪمل عمل ڪرڻ ۽ اين ايف سي تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو،معدنيات ۽ وسيلن جي حوالي سان 18هين ترميم مطابق صوبن جو حق تسليم ڪيو وڃي، اي اين پي جي انتظام هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن جي صدارت اي اين پي سينيٽر ايمل ولي ڪئي جڏهن ته ڪانفرنس ۾ سڀني پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بدامني کي حڪومتي ناڪام پاليسين جو نتيجو قرار ڏنو ويو. فورم مسئلن جي خاتمي لاءِ جامع اپائن جي ضرورت تي زور ڏنو. اي پي سي ۾ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جاري فوجي آپريشنن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. فورم چيو ته جاني ۽ مالي نقصانن جي غير جانبداراڻي جاچ عدالت جي نگراني ۾ قائم ڪيل هڪ ٽرٿ ڪميشن ذريعي ڪرائي وڃي. گڏيل پڌرائي موجب، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بدامني جي هر شڪل ۾ مذمت ڪئي وڃي ٿي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته هٿ ٺوڪين ڊيٿ اسڪواڊز ۽ غير قانوني هٿياربند جٿن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. 18هين آئيني ترميم تي ان جي اصل روح موجب مڪمل عمل ڪيو وڃي. اين ايف سي ايوارڊ تي آئين موجب مڪمل عمل يقيني بڻايو وڃي. پڌرائي موجب، معدنيات ۽ وسيلن بابت 18هين ترميم موجب صوبن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ايراضي جي غيرقانوني الاٽمينٽس ۽ انتظامن کي رد ڪيو وڃي. قبائلي عوام جي تاريخي ايراضي حقن کي تسليم ڪيو وڃي. بلوچستان ۾ ليويز فورس کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي. ليويز فورس کي جديد گهرجن سان ليس ڪيو وڃي. اي پي سي پڌرائي موجب، ضم ضلعن ۾ سڀ اختيار سول انتظاميا حوالي ڪيا وڃن، ايڪشن ان ايڊ آف سول پاور جهڙا قانون فوري ختم ڪيا وڃن، سڀني گم ٿيل ماڻهن کي فوري بازياب ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. سڀني سياسي قيدين کي فوري تي آزاد ڪيو وڃي، سياسي سرگرمين لاءِ آزاداڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. سردار اختر جان مينگل تي لاڳو سفري پابندين کي فوري ختم ڪيو وڃي. ٿري ايم پي او، فورٿ شڊول ۽ ان جي نوعيت جي ٻين غير منصفاڻن قانونن کي فوري رد ڪيو وڃي. آزاد ميڊيا، صحافت تي پابندين کي ختم ڪيو وڃي ۽ پيڪا ايڪٽ جهڙن قانونن کي رد ڪيو وڃي. مولانا خان زيب، مفتي منير شاڪر ۽ ٻين شهيدن جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ جي مذمت ڪئي وئي، چيو ويو ته پاڪستان کي پرڏيهي جنگين ۾ ملوث ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پاڪستان جي تاريخي واپاري رستن کي ٻيهر کوليو وڃي. سرحدي واپار کي صوبن جي اختيارن جي دائري ۾ آندو وڃي. فوجي آپريشنن ۽ دهشتگردي سبب متاثر علائقن جي فوري بحالي جي گهر ڪئي وئي. آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ انهن لاءِ معاوضو، روزگار ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪيا وڃن. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جي مذمت ڪئي وئي. گهر ڪئي وئي ته ڪي پي جي ٻوڏ متاثر ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي فوري امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. قومي امن جرڳي کان مطالبو ڪيو ويو ته موجوده حالتن کي ڏسندي 23 آگسٽ جو مارچ ملتوي ڪن. نئين تاريخ بعد ۾ ڏني ويندي. مطالبو ڪيو ويو ته ضلعي ڪرم ۾ ڏيڍ سال کان بند روڊن کي کوليو وڃي. افغان مهاجرن جي جبري واپسي جي مذمت ڪئي وئي. اي پي سي کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، پيپلزپرٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري، ايمل ولي ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. جميعت علما اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اي پي سي ڪوٺائڻ تي ايمل ولي خان جا ٿورائتا آهيون، عوامي مسئلن جي حل لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون، ڪو اختلاف ناهي. عوامي نيشنل پارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته رياست جي پهرين ذميواري بنيادي انساني حقن جو تحفظ آهي، پر افسوس جو خيبر پختونخوا جي عوام سان ڪيل واعدا اڄ تائين پورا نه ٿيا آهن. مولانا فضل الرحمان انڪشاف ڪيو ته خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري فنڊ جو ڏهه سيڪڙو حصو غير رياستي هٿياربند گروهن کي ڏنو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا معدني ذخيرا اتان جي عوام جي ملڪيت آهن، جڏهن⁠ته آئين جي ارڙهين ترميم تحت وسيلن جي مالڪي صوبن وٽ آهي، پر قانون سازي جي ذريعي صوبن جا حق واپس ورتا پيا وڃن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ملڪ جو سياسي ۽ پارلياماني نظام سواليا نشان بڻيل آهي، موجوده حڪومت عوامي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي آهي. اسان پرامن مارچ ڪري رهيا آهيون، اختلاف ڪري رهيا آهيون، اهڙيون ئي شيون بغاوت تائين پهچائي ڇڏين ٿيون. هن جو چوڻ هو ته قبائلي علائقا هٿياربند گروهن جي گهيري ۾ آهن، ماڻهو محفوظ ناهن، ڪاروباري ماڻهن کي ڀتا ڏيڻا پون ٿا. فاٽا جي انضمام کي به نو سال گذري ويا پر اڄ به جرڳو سسٽم بحال ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪي 100 ارب رپيا واعدي موجب ملڻا هئا، سي ڪٿي آهن؟ عوام کي ڏيکاريل خواب اڃا به اڌورا آهن. هن زور ڏنو ته تڪراري معاملن بدران متفقا فيصلا آڻڻ گهرجن ۽ نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو⁠ته ملڪ جا وسيلا عوام جي مستقبل کي روشن ڪري سگهن ٿا، پر اختيار اڄ به ماڻهن يا پارليامينٽ وٽ نه آهن. ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي خطاب ۾ چيو ته اسان کي نفرت جي سياست جو حوصلو ٽوڙڻو پوندو، پنجاب کي گار ڏيڻ سان ڪجهه نه ملندو، احتجاج ۽ ڌرڻن جي سياست ملڪي مفاد ۾ ناهي، آئين سڀني کي ڳنڍي رکيو آهي، اختلاف رکندي صبر جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، هر گناهه فوج تي وجهڻ درست ناهي، فوج به اسان جي پنهنجي آهي، ڇا اسان جي دامن ۾ ڪي داغ ناهن؟ ملڪ جون 4 آمرن پاڙون کوکليون ڪيون. مسئلن جي حل لاءِ وڏي پئماني تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. حڪمران ۽ حڪومتن کان هر هنڌ شڪايتون ٿينديون آهن، ايمل ولي جي وڏڙن لاش کنيا، ڪڏهن تشدد جو رستو نه ورتو. بلوچستان ۽ ڪي پي اسان جي مٿي جو تاج آهن، انهن کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس کي ايمل ولي خان خطاب ۽ پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مختلف نظرين ۽ منشور وارن ماڻهن سان ويهندا آهيون ته اختلاف به هوندا آهن، اسان کي پنهنجا جذبا ڪنٽرول ۾ رکندي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻي آهي. سڀني رجسٽرڊ پارٽين اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي. سڀ آئين کي تسليم ڪن ٿيون. ٻيا صوبا ترقي ڪري رهيا آهن پر اسان جي علائقي ۾ اسان جا وسيلا ضايع ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي آئين تي عمل جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان غدار نه آهيون. آئين ۾ لکيل آهي ته اهو سڀني قومن کي انهن جو حق ڏيندو. اسان به ان ئي آئين تحت پنهنجو حق گهرون ٿا. ارڙهين ترميم تي عمل درآمد ڇو ناهي ٿي رهيو. وفاق بلوچستان ۽ ڪي پي سان پنهنجو رويو تبديل ڪري. اسان ڳالهين تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون پر اسان کي ٻڌڻ وارو ڪير ناهي. اميد آهي سڀ پارٽيون گڏجي مسئلن جو حل ڪڍنديون. پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري خطاب ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، اي پي سي گهرائڻ سٺو سنوڻ آهي، ڪو به شهري ڪنهن به پارٽي ۾ وڃي سگهي ٿو، حڪومت سان ڇو گڏ ڇو آهيون ان جا سبب آهن، اسان ملڪ ۾ جمهوري تسلسل چاهيون ٿا، اليڪشن ۾ ڪنهن پارٽي جي اڪثريت نه هئي. 1973 جو آئين متفقا آهي، ان سان هٿ چراند ڪئي وئي ته نئون آئين ٺاهڻ ڏکيو هوندو، حالتون جهڙيون به هجن، سياسي قيادت کي ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.