ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پوليس سوشل ميڊيا تي قومي جهنڊي جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ايسايس پي ڊسٽرڪٽ سٽي عارف عزيز موجب:ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ خفيه اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران جوابدار نعمان گرفتار ٿيو۔جوابدار 13 آگسٽ تي وڊيو ٺاهي پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي هئي۔گرفتار جوابدار جو اصل واسطو باجوڑ سان آهي۔عارف عزيز موجب جوابدار گرفتاري بعد وڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته هو لي مارڪيٽ جو رهاڪو آهي ۽ بنيان جو ٺيهو لڳائي ڪم ڪندو آهي۔ جوابدار هٿ ٻڌي معافي گهري ۽ چيو ته هو ايندڙ وقت ۾ اهڙي غلطي نه ڪندو۔پوليس موجب جوابدار مٿان مقدمو داخل ڪري کيس وڌيڪ جاچ لاءِ انوسٽيگيشن پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔