ڪراچي (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته سياستدان، اين جي اوز ۽ ٻيا ڪيترائي پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا. فيلڊ مارشل جي سربراهي ۾ فوج ملڪ کي وڏي دهشتگردي کان بچائي ورتو، جنهن جا تفصيل جلد سامهون آندا ويندا، فيصل واووڊا وڌيڪ چيو ته سمورا سياستدان ۽ ٻيا پنهنجون رستو درست ڪن، ڇو ته ترقيءَ ۾ رنڊڪ وجهندڙ وڏا وڏا طرم خان به ختم ڪيا ويندا. مونکي پڪ آهي ته سڀني کي منهنجي ڳالهه صحيح نموني سمجهه ۾ اچي وئي هوندي.