قدرتي آفت کنوڻ ،ٿر جي حالتن کان وٺي دنيا جي حفاظتي نظام تائين

تحرير: آزاد عرفان چاچڙ

کنوڻ هڪ نج سائنسي لقاءُ آهي، جيڪو طوفاني موسم دوران آسمان ۾ ظاهر ٿيندو آهي. هي منظر عام طور تي ڪڪرن جي وچ ۾، بادلن ۽ زمين جي وچ ۾، يا ڪڪرن جي اندر ٿيندو آهي. کنوڻ سان گڏ زور دار آواز، يعني گجگوڙ پڻ ٿيندي آهي، جيڪا هوا جي تيزيءَ سان گرم ٿيڻ ۽ ان جي واڌ سبب پيدا ٿيندي آهي. هي مظاهرو نه رڳو ڏسڻ ۾ شاندار هوندو آهي، پر خطرناڪ پڻ ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي کليل علائقن ۾.سائنسي طور تي کنوڻ جي پيدا ٿيڻ جو عمل ڪڪرن جي اندر حرڪت سان شروع ٿئي ٿو. طوفاني بادلن ۾ گرم ۽ ٿڌي هوا جي وهڪري سبب پاڻيءَ جا ڦڙا ۽ برف جا ذرڙا پاڻ ۾ ٽڪرائين ٿا. ان ٽڪر سان ڪڪر جي مٿئين حصي ۾ مثبت چارج ۽ هيٺئين حصي ۾ منفي چارج جمع ٿيندي آهي. جڏهن بادلن جي اندر يا بادلن ۽ زمين جي وچ ۾ برقي ميدان تمام طاقتور ٿي ويندو آهي، تڏهن اها چارج خارج ٿيندي آهي، جنهن کي کنوڻ چئبو آهي. هي خارج ٿيڻ تمام تيز رفتار سان ٿيندو آهي، ۽ ان سان گڏ روشنيءَ جي چمڪ ۽ آواز پيدا ٿيندو آهي.

ٿر جي علائقي ۾ کنوڻ ٿيڻ جا خاص سبب پڻ آهن. ٿر ۾ گرمي تمام گهڻي هوندي آهي، جنهن سبب هوا ۾ تيزيءَ سان تبديليون ٿين ٿيون. هي تبديليون طوفاني بادلن جي ٺهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. مون سون جي موسم ۾ جڏهن ڪڪر ٿر جي علائقي ۾ اچن ٿا، ته انهن جي اندر برقي چارج جي ورڇ وڌي ويندي آهي. ٿر جي زمين خشڪ ۽ وارياسي هجڻ سبب برقي چارج جي وهڪري کي تيز ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه، نمي جي گهٽتائي سبب بادلن جي اندر چارج جي ورڇ وڌيڪ غير متوازن ٿي سگهي ٿي، جنهن سان کنوڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي.

دنيا جي تاريخ ۾ کنوڻ جا ڪيترائي خطرناڪ واقعا پيش آيا آهن، جن مان ڪجهه انتهائي تباهه ڪندڙ رهيا آهن. 1975ع ۾ زمبابوي جي هڪ ڳوٺ ۾ کنوڻ جي هڪ ئي واقعي ۾ 21 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن هو هڪ گڏيل جنازي ۾ شريڪ هئا. 2007ع ۾ بنگلاديش ۾ هڪ ڏينهن ۾ کنوڻ جي ڪري 130 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. 2016ع ۾ ڀارت جي مختلف رياستن ۾ طوفاني موسم دوران کنوڻ جي ڪري 93 ماڻهو فوت ٿيا. 2021ع ۾ آمريڪا جي فلوريڊا رياست ۾ هڪ شخص تي کنوڻ لڳڻ جو منظر ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويو، جيڪو بعد ۾ زخمي حالت ۾ بچي ويو. اهي واقعا ڏيکاري ٿو ته کنوڻ جي شدت ۽ ان جي اثرن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

ان ڪري مختلف ملڪن ۾ کنوڻ کان بچاءُ لاءِ خاص اپاءُ ورتا ويا آهن. آمريڪا ۾ NFPA 780 نالي معيار تحت عمارتن ۾ لائيٽننگ پروٽيڪشن سسٽم لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ لائيٽننگ راڊ، گرائونڊنگ ۽ سرج پروٽيڪشن شامل هوندي آهي. فرانس ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾ NF C 17-102 ۽ UNE 21186 معيارن تحت Early Streamer Emission (ESE) ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪا کنوڻ جي توانائي کي محفوظ طريقي سان زمين ڏانهن منتقل ڪري ٿي. ملائيشيا ۽ ڪوبا جهڙن ملڪن ۾ ESE سسٽم جي اثرائتيت بابت سائنسي رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن. ملائيشيا ۾ 2016ع جي هڪ سروي موجب ESE سان محفوظ ڪيل عمارتن ۾ نقصان جو تناسب ٻين سسٽمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو. ڪوبا ۾ 20 سالن جي ڊيٽا مان معلوم ٿيو ته ESE سسٽم جي ناڪامي جو تناسب صرف 0.2٪ هو، جڏهن ته روايتي سسٽمن ۾ اهو 0.59٪ تائين پهتو.

ان کان علاوه، جرمني، برطانيه، آسٽريليا، ڪينيڊا، ڀارت، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ IEC 62305 معيار تحت کنوڻ کان بچاءُ جا نظام لاڳو ڪيا ويا آهن، جن ۾ عمارتن جي جوڙجڪ، برقي نظام، ۽ انساني حفاظت کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪيون وينديون آهن.

کنوڻ کان بچڻ لاءِ عام ماڻهن لاءِ به ڪجهه اهم احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. طوفان دوران کليل ميدان، وڻن جي هيٺان يا پاڻيءَ جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. برقي اوزار جهڙوڪ موبائل، ٽي وي، ريڊيو وغيره بند ڪرڻ گهرجن، خاص طور تي جيڪڏهن اهي چارجر سان لڳل هجن. محفوظ جاءِ تي رهڻ گهرجي، جهڙوڪ ڪنڪريٽ يا ڌاتوءَ جي ڍانچي واري جاءِ. جيڪڏهن کليل جاءِ تي آهيو ته گاڏيءَ ۾ ويهڻ محفوظ هوندو. ڌاتوءَ جا شيون يا  ڌاتوءَ جا سامان پاڻ سان نه رکڻ گهرجن. گھر جي حفاظت لاءِ لائيٽننگ راڊ لڳائڻ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو کنوڻ جي اثر کي زمين ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيندو آهي. ان کان علاوه، گھر جي برقي نظام کي صحيح گرائونڊنگ سان جوڙڻ گهرجي ته جيئن بجلي خارج ٿيڻ جي صورت ۾ نقصان کان بچي سگهجي.

کنوڻ هڪ قدرتي، پر خطرناڪ آفت آهي، جيڪا خاص طور تي ٿر جهڙن علائقن ۾ موسمي تبديليءَ سبب وڌيڪ ٿيندي آهي. ان جي سائنسي سمجهه، تاريخي تجربن، عالمي معيارن ۽ احتياطي اپائن سان ان جي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. ڄاڻ، تياري، ۽ احتياط ئي اسان جي حفاظت جو بهترين ذريعو آهن. ٿر سميت ٻين علائقن ۾ به اهڙي شعور ۽ حفاظتي نظام جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن خطرن کان محفوظ رهي سگهجي. حڪومت سنڌ کي گھرجي ته ٿر اندر ماروئڙن کي ان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سيمينار وغيره ڪرائي معلومات ڏجي ۽ گڏوگڏ راڊ سسٽم لا۽ پڻ اپاءُ وٺي قيمتي انساني جانيون بچائي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.