ويسٽ انڊيزجي 34 سالن بعد تاريخي فتح، پاڪستاني ٽيم جو سرينڊر! ” بابر اعظم عظيم بيٽر بڻجي نه سگهيو“
ٽرينيڊاد(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 202 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي 34 سالن کانپوءِ پاڪستان کان سيريز کٽي ورتي.
ٽرينيڊاد جي برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، ميزبان ٽيم پهريان کيڏندي 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 294 رنسون ٺاهيون.
ويسٽ انڊيز جي ڪپتان شاءِ هوپ 94 بالن تي 120 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ پنج ڇڪا ۽ ڏهه چوڪا شامل هئا، جڏهن ته اٺين نمبر تي ايندڙ جسٽن گريوز 24 بالن تي 43 رنسون ٺاهيون، ٻنهي بيٽرن آخري اوورن ۾ گڏجي ٽيم جي اسڪور کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو.
پاڪستان طرفان فاسٽ بالر نسيم شاهه سڀ کان مهانگو بالر رهيو جنهن ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون پر 10 اوورن ۾ 72 رنسون ڏنيون، اسپنر ابرار احمد 34 رنسن عيوض ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد نواز ۽ صائم ايوب کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي.
ٻي اننگز ۾ پاڪستاني بيٽر شروع کان ئي دٻاءَ هيٺ رهيا، اٺ رنسن جي مجموعي اسڪور تي ٽيم جون 3 وڪيٽون ڪِري پيون، صائم ايوب، عبدالله شفيق ۽ ڪپتان محمد رضوان کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا.
سينيئر بيٽر بابر اعظم پنهنجو خراب فارم بحال نه ڪري سگهيو ۽ ٽِين ميچ ۾ به 23 بالن تي رڳو 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، چئني شروعاتي بيٽرن جون وڪيٽون جيڊن سيئلز حاصل ڪيون.
اڪستان جي اننگز ۾ سلمان آغا 30 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته حسن علي ۽ ابرار احمد سميت پنج ٻُڙي تي آئوٽ ٿيا ۽ محمد نواز 23 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
جيڊن سيئلز پنهنجي ڪيريئر جي يادگار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي رڳو 18 رنسون ڏئي ڇهه شڪار ڪيا.
شاندار سينچري تي شاءِ هوپ کي ميچ ۽ جيڊن سيئلز کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪرڪ انفو موجب، ويسٽ انڊيز پنهنجي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو ڪنهن ٽيم خلاف ون ڊي ميچ ۾ ٻه سئو رنسن جي مارجن تان ڪاميابي ماڻي آهي.
سيريز جي شروعات ۾ آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان چوٿين ۽ ويسٽ انڊيز ڏهين نمبر تي هئا، پر هاڻي پاڪستان پنجين ۽ ويسٽ انڊين ٽيم نائين نمبر تي اچي وئي آهي.
ڪرڪيٽ تجزيي نگار مظهر ارشد ميچ کانپوءِ پنهنجي پوسٽ ۾ تاريخي انگ اکر شيئر ڪندي لکيو ته 1992ع جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ويسٽ انڊيز کان ٻطرفي ون ڊي سيريز هارائي آهي، ان وقت نه موجودا رانديگر پيدا ٿيا هئا، نه اسلام آباد موٽر وي هئي، سوزوڪي مهراڻ جي قيمت هڪ لک رپيا ۽ پيٽرول في ليٽر يارنهن رپين ۾ ملندو هو.
ڪرڪيٽ تجزيي نگار نعمان نياز چيو ته هي ميچ رڳو شڪست نه پر ”سرنڊر“ هئي.
بابر اعظم تي تنقيد
ڪيئي مداحن بابر اعظم تي تنقيد ڪئي ته ” هن ۾ پاڪستان جي بهترين بيٽر بڻجڻ جي صلاحيت هئي.“
واضح رهي ته پهرين جنوري 2024 کان اڄ تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٻنهي جو اسٽرائيڪ ريٽ سڀني کان گهٽ رهيو. ان عرصي ۾ رضوان جو اسٽرائيڪ ريٽ 75.03 رهيو، جڏهن ته بابر 78.88 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان رنس اسڪو رڪيون.
ان دوران اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي خراب فارم ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي آهي، بابر کي آخري ڀيرو ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي 712 ڏينهن گذري ويا آهن.
بابر اعظم آخري ون ڊي سينچري ايشيا ڪپ 2023 ۾ نيپال خلاف اسڪور ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ سندس بيٽ مسلسل خاموش آهي، هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ گذريل ٻن سالن دوران سندس بهترين اسڪور 78 رهيو.
خراب فارم ۽ سست بيٽنگ سبب کيس اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ٽيم مان نيڪالي ملي چڪي آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس انگ اکر به ٽيم ۾ رهڻ لاءِ ڪافي نه آهن.
ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ون ڊي ۾ هو ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو، جيڪو بابر اعظم جي ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ پنجون موقعو هو جڏهن کيس کاتو کولڻ بنا پويلين موٽڻو پيو.