ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار حيدر قادري جڳ مشهور گلوڪارا صنم ماروي سان آرٽس ڪائونسل آف ڪراچي جي صدر احمد شاهه جي بُري رويي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان هر سطح تي صنم ماروي سان گڏ آهيون.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ حيدر قادري چيو ته مس ڪمٽمينٽ احمد شاهه جي واتان نٿو ٺهي، ٻه مهينا اڳ هن مون سان، علي گل ملاح سان ۽ سهراب سومرو سان مس ڪمٽمينٽ ڪئي، هو ان عهدي جي لائق ئي ناهي.
هن چيو اسان سنڌي پوئتي آهيون پر ان ڪري ڇو ته توهان جهڙي بدمعاش سان اکيون ملائي ناهيون ڳالهائيندا، هر ماڻهو کي عزت ڏيندا آهيون، اهي لائق ناهن هوندا پوءِ به، توهان جي غلطين تي ردعمل ڏيڻ بدران نظرانداز ڪندا آهيون، ٺهيو ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته صنم ماروي کي نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به ٻڌو ويندو آهي، مون کي افسوس آهي توهان ان کي سلام جو جواب نٿا ڏيو، مس ڪمٽمينٽ جو چئو ٿا، سوچيو احمد شاهه ايڏي وڏي گلوڪارا سان اهڙو رويو اختيار ڪري رهيو آهي ته عام آرٽسٽ سان ڪهڙو رويو رکندو هوندو.
حيدر قادري چيو ته اهڙن ماڻهن کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏيو، اسان صنم ماروي سان هر حال ۾ گڏ آهيون.
واضح رهي ته گلوڪارا صنم ماروي چيو هو ته احمد شاهه سنڌي آرٽسٽس جي تذليل ڪري ٿو، سندس ٽيم کي خبر ئي ناهي ته آرٽسٽ سان ڪيئن پيش اچبو آهي، مونکي ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو.
سندس موجب احمد شاهه مون کي چيو ته خبر اٿو توهان سنڌي آرٽسٽ ترقي ڇو نه ڪندا آهيو، مون چيو ڇو؟ چيائين ته توهان ڪمٽمينٽ پوري ناهيو ڪندا.
هن چيو ته احمد شاهه اسان جي نالي تي فنڊ وٺي ٿو، جنهنڪري هن منهنجو زبردستي نالو پروگرام ۾ شامل ڪرايو، تذليل باوجود مان خاموش رهيس، احمد شاهه منهنجي سنڌيت تي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي؟ اسان جي ڪري سيٽ تي ويٺو آهي.
”احمد شاهه، صنم ماروي جهڙي گلوڪارا سان اهڙو رويو رکي ٿو ته عام فنڪار سان ڇا ڪندو هوندو“
You might also like