ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊمپر ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڊمپر مالڪن کي معاوضي جي ادائيگي جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ ڊمپر ايسوسيئيشن راشد منهاس روڊ ۽ سپر هاءِ وي تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي رات دير سان ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي فوتگي تي ڊمپر ساڙڻ خلاف ڊمپر ايسوسيئيشن طرفان ٻن جاين تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا.
پوءِ حڪومت ڊمپر ايسوسيئيشن سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي ڪامياب ٿي ويون، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ڊمپر مالڪن کي معاوضي جي ادائيگي جي خاطري ڪرائي.
You might also like