تنقيد ڪندڙن جو وات بند، ميڪڊونلڊ به اجرڪ جي رنگن ۾ رڱجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميڪڊونلڊ جا ريسٽورينٽس به سنڌي ثقافت جي رنگن سان رڱجي ويا.
ميڪڊونلڊ طرفان پنهنجي ريسٽورنٽس ۾ عملي کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو لباس پهرائي سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي.
ريسٽورنٽس ۾ عملي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو لباس پهري گراهڪن جي آجيان ڪئي.
اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون ۽ ميڪڊونلڊ جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
ميڪڊونلڊ طرفان ان حوالي سان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته هر آگسٽ ۾ اسان پاڪستاني ثقافتن کي اجاڳر ڪندا آهيون ۽ هن ڀيري سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.