”انساني جانين جو ڪو ازالو ناهي پر قانون هٿ ۾ کڻندڙن تي ڪيس داخل ٿيندا“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۾ گهڻي نفرت ڏٺي، هاڻ ڪنهن کي وڌيڪ نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين ۽ ڪا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ راشد منهاس واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ماڻهن جون حياتيون کسيندڙ ڊمپر ڊرائيورن خلاف ايڪشن ٿيندو.
هن واقعي کانپوءِ ٿيندڙ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته انساني جانين جو ڪو ازالو ناهي، اهو اسان لاءِ انتهائي افسوسناڪ آهي پر تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه مسئلن جو حل ناهي.
سندس چوڻ هو ته سڀني ڌرين سان ڳالهائي گڏجي ٽرانسپورٽ سيڪٽر جا مسئلا حل ڪنداسين، يقيني بڻايو ويندو ته اڳتي اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين.
شرجيل ميمڻ چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙ ۽ ڏڦيڙ کي هٿي ڏيندڙن تي دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ٿيندا، ڊمپر ساڙيندڙ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.