” ڏُک جي نه پڄاڻي آ“ دنيا کي جنگن جي جهنم ڏانهن وٺي ويندڙ ”هيروشيما“ جي تباهي کي ياد ڪن

6 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا هيروشيما ۾ ايٽم بم ڪِيرايو هو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ اسي هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.
اربع ڏينهن جپان ۾ انهي واقعي کي 80 سال پورا ٿي رهيا آهن.
ان حوالي سان هيروشيما ۾ 6 آگسٽ تي مارجي ويلن جي ياد ۾ تقريبون ڪوٺايون وينديون ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ناگاساڪي ۾ رٿيل تقريبن ۾ به سڄي دنيا مان هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا.
بهرحال هن سال بچي ويل ماڻهن جن کي ” هيبا ڪوشا“ چيو ويندو آهي، جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو.
مارچ ۾ جاري ڪيل هڪ سرڪاري رپورٽ موجب، هاڻي رڳو 99130 هِيبا ڪوشا حيات آهن، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 7695 گهٽ آهن، ڇو ته وڏي عمر هئڻ ڪري سندن انگ گهٽجي رهيو آهي، هن وقت ايٽمي حملن ۾ بچي ويل ماڻهن جي سراسري عمر 86.13 سال آهي.
ڇو ته ايٽمي هٿيارن جي جنگي استعمال جا اکين ڏٺا شاهد وقت سان گڏ ختم ٿي رهيا آهن، تنهنڪري ميوزيم، تنظيمون ۽ انفرادي ماڻهو اِها ذميواري کنئي آهي ته هو انهن ڪهاڻين کي مٽجڻ نه ڏين.

جاڳرتا مهم
هيروشيما جي ”جانشينن“ مان هڪ شُن ساساڪي آهي، جيڪو پنهنجي اباڻي شهر تي حملي جي ڀوائتن ۽ ان کانپوءِ جي حالتن کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ٻارنهن ورهين جو ساساڪي آگسٽ 2021 کان پرڏيهي سياحن کي هيروشيما ميوريئل پيس پارڪ جي مختلف هنڌن بابت ڄاڻ ڏيندو رهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ساساڪي ٻڌايو ته ” جڏهن مان پهرئين درجي ۾ هوس ته مان ايٽمي بم جي گنبد وٽان لنگهيس ۽ مون سوچيو ته هيءَ جاءِ اڃا تائين ڇو موجود آهي، جيتوڻيڪ ان جي حالت تمام خراب هئي.“ هيءَ اها عمارت آهي جيڪا 1945 ۾ بم ڪرڻ کانپوءِ به موجود رهي.“
سندس چوڻ هو ته ” مون انٽرنيٽ تي ڳولا ڪئي ۽ پيس ميوريئل ميوزيم ويس، جتي مون کي هتي ڪِيرايل ايٽم بم بابت ڄاڻ ملي.“

اباڻي شهر جو الميو
ساساڪي جي پنهنجي شهر جي المناڪ تاريخ ۾ دلچسپي ان وقت وڌيڪ وڌي جڏهن کيس خبر پئي ته سندس پڙ ڏاڏي 6 آگسٽ 1945 جي حملي ۾ زنده بچي وئي هئي، پر پوءِ ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي.
ساساڪي چيو ” جڏهن ايٽمي حملو ڪيو ويو ته هوءَ 12 سال جي هئي ۽ گهر ۾ موجود هئي، جيڪو هائيپو سينٽر يا ڌماڪي جي مرڪز کان اٽڪل هڪ ۽ اڌ ڪلوميٽر پري هو، هوءَ نه سڙي هئي، ڇاڪاڻ ته گهر جي اندر هئي، پر هوءَ تابڪاري جي لپيٽ ۾ اچي وئي ۽ جڏهن کيس ٻاهر ڪڍيو پئي ويو ته مٿس”ڪارو مينهن” وسي رهيو هو.“
واضح رهي ته ” ڪارو مينهن” اصل ۾ مٽي، بم مان اُٿندڙ رک، ۽ تابڪاري ذرڙن جو مرڪب هو، جيڪو ڌماڪي کانپوءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مينهن جي صورت ۾ وسندو رهيو.
ساساڪي جي پڙ ڏاڏي يوريڪو کي 38 ورهين جي عمر ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر ۽ 60 ورهين ۾ وڏي آنڊي جو ڪينسر ٿيو ۽ هوءَ 69 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي.
ساساڪي کي پهرين سالگرهه کان اڳ ئي انگريزي سيکاريندڙ رانديڪا ڏنا ويا هئا ۽ هو چئن ورهين جي عمر ۾ انگريزي ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويو.
سندس چوڻ هو ته ” کيس جپاني بدران انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو اهڙن پرڏيهي سياحن سان آسانيءَ سان ڳالهائي سگهي ٿو جيڪي 1945 ۾ هيروشيما ۾ ٿيندڙ واقعن بابت اڳواٽ ڪجهه تصور کڻي ايندا آهن.“
ساساڪي موجب، هو پرڏيهي سياحن ٻڌائي ٿو ته هيروشما تي ڪيرايل ” لٽل بواءِ “ نالي ايٽم بم سڌو ”گنباڪو گنبد“ جي مٿان ڦاٽو هو، هي اِها ئي پٿريلي عمارت آهي جنهن کي اڄ ايٽمي بم گنبد چيو وڃي ٿو، جڏهن ته بم جي توانائي لڳ ڀڳ 15 ڪلوٽن ٽي اين ٽي جي برابر هئي.
ايٽمي حملن اٽڪل هر عمارت تباهه ٿي وئي ۽ 1.3 ڪلوميٽر جي دائري ۾ موجود هر ماڻهو مري ويو. 1945 جي آخر تائين موت جو ڪل انگ لڳ ڀڳ هڪ لک چاليهه هزار تائين پهچي ويو، جن مان گهڻا ماڻهو يا ته سڙي وڃڻ يا تابڪاري سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين سبب فوت ٿيا.
ساساڪي چيو ته ” کوڙ ماڻهو مون کي چوندا آهن ته هو هيروشيما اهو سمجهي آيا هئا ته هو ڪهاڻي ڄاڻن ٿا ۽ اهو ته شهر رڳو بُري نموني سان تباهه ٿيو هو، پر هو اِهو ناهن ڄاڻيندا ته اصل ۾ ڇا ٿيو هو.“

ڳوڙا ۽ سچائي
ساساڪي موجب” انهن مان ڪجهه لڙڪ لاڙي ويهن ٿا، گهڻا ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن ۽ سڀ چوندا آهن ته اسان کي ٻيهر ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته جنگون انڪري ٿين ٿيون ڇو ته ماڻهو واقعن ۽ تباهين بابت نٿا ڄاڻن ته انهن جو انجام ڇا ٿيندو.“
ساساڪي ياد ڪندي چيو ” مان هڪ آمريڪي شخص جي رهنمائي ڪري رهيو هوس ۽ هن چيو ته هاڻي هو سمجهي ٿو ته اسان کي سڀني ايٽمي هٿيارن تي پابندي لڳائڻ گهرجي، اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو وڃي ڪنهن کي هيروشيما جي حقيقت بابت ٻڌائيندو ته پوءِ هو اڳتي ڪنهن ٻئي کي ٻڌائيندو ۽ ائين امن جو پيغام هر پاسي پکڙي ويندو. “
ساساڪي وڌيڪ چيو ” هيروشيما جيڪو ڪجهه ٿيو اسان ان حقيقت کي ته نه ٿا بدلائي سگهون، پر اسان بم جي حقيقت کي استعمال ڪري مستقبل کي بدلائي سگهون ٿا.“
هيبا ڪوشا (ايٽمي حملن ۾ بچي ويل ماڻهو) جي تجربن کي اڳتي وڌائڻ جون اهڙيون ئي ڪوششون ناگاساڪي ۾ به جاري آهن، جيڪو 9 آگسٽ 1945 تي ”فيٽ مين“بم جو نشانو بڻيا هئا.
ان حملي ۾ فوري طور ۽ پوءِ ڊگهي مدي وارن اثرن، جهڙوڪ رت جي ڪينسر (ليوڪيميا) ۽ تابڪاري سبب ٻين بيمارين جي نتيجي ۾ اٽڪل 80000 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
ناگاساڪي ايٽمي بم ميوزيم جي ڊائريڪٽر تاڪوجي اينوئي جو چوڻ آهي ته” اسان هڪ اهڙي دور ڏانهن وڌي رهيا آهيون جتي هيبا ڪوشا اسان جي وچ ۾ موجود نه هوندا، پر هڪ ايٽمي حملي سبب متاثر ٿيل شهر جي حيثيت ۾اسان کي ان ڳالهه تي گهڻي پريشاني آهي ته يوڪرائن ۽ وچ اوڀر جي جنگن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو خطرو وڌي رهيو آهي.“

عالمي مهم
ميوزيم هڪ نئين بين الاقوامي مهم شروع ڪئي آهي ته جيئن ايٽمي بم حملن جي ”حقيقت کي اجاگر“ ڪيو وڃي ۽ بم جي اثرن جي ڄاڻ کي ” هڪ نسل کان ٻئي نسل “ تائين منتقل ڪئي وڃي.
هن چيو هيروشيما هميشه تاريخ ۾ پهرين ايٽمي حملي واري جاءِ طور ڄاتو ويندو” پر ڇا ناگاساڪي آخري هوندو، اهو ان مستقبل تي ڀاڙي ٿو جيڪو اسان جي هٿ وس آهي.“
هيروشيما ۾ 6 آگسٽ تي صبح 8 لڳي 15 منٽن تي پهريون ايٽم بم ڦاٽو هو، ان ياد سڄي شهر خاموشي اختيار ڪري حملن ۾ جانيون وڃائيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.