ڪيس ۾ سزا ملڻ تائين نوڪريءَ کان محروم رکڻ قانوني طور درست ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر)پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبلن جي ڀرتي دوران اميدوارن کي ڪرمنل رڪارڊ جي بنياد تي نظرانداز ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت سجاول ضلعي جي ست اميدوارن پاران داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ 12 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذارن جي وڪيل اسرار ابڙو عدالت آڏو موقف پيش ڪيو ته اميدوارن ڪانسٽيبل جي ڀرتيءَ لاءِ امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو، پر انهن تي ڪيس هئڻ سبب آفر آرڊر جاري نٿا ڪيا وڃن، ايڊووڪيٽ اسرار ابڙو چيو ته سندس اسيرن مٿان داخل ڪيسن مان اهي اڳ ئي بري ٿي چڪا آهن، هن عدالت کي آگاهه ڪيو ته جيستائين ڪنهن به اميدوار کي ڪنهن ڪيس ۾ سزا نه ملي هجي، تيستائين نوڪريءَ کان محروم رکڻ قانوني طور درست ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.