گڏهن جي گوشت جو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ گڏهه جي گوشت جي وڪري جو معاملو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاستائين پهچي ويو۔ اجلاس دوران ڪميٽي جي رڪن سيد اياز شيرازي گڏهه جي گوشت بابت معاملو اٿاريو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته، اسين ته هوٽلن تي کاڌو کائڻ ويندا آهيون، گڏهه جي وڪري وارو معاملو انتهائي سنجيده آهي. گڏهه جي گوشت جو معاملو رڳو هڪ شهر نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي۔ جتي جتي فئڪٽرين جي اجازت ڏني وئي، ڇا اتي کان گوشت ليڪ ٿيڻ جو خطرو ته ناهي؟” ان تي سيڪريٽري فوڊ اينڊ سيڪيورٽي وضاحت ڪندي چيو ته اسان جو ڪم ملڪ جي سطح تي خوراڪ پاليسي جو جائزو وٺڻ آهي۔ اسان رڳو گوشت برآمد ڪرڻ لاءِ لائسنس جاري ڪندا آهيون، جڏهن ته مقامي سطح تي اهڙن معاملن جي نگراني ضلعي انتظاميا جي ذميواري آهي۔”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.