سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھه)سکر ۽ گڊو بئراج تي هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي جنهن ۾ گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3 لک 65 هزار 156 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 30 هزار 359 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3 لک 70 هزار 620 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 10 هزار 790 ڪيوسڪ رپورٽ ٿيو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 1 لک 71 هزار 133 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 28 هزار 668 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي دريائي نظام ۾ وهڪرن جي تيزي وڌي رهي آهي جنهن ڪري سکر ۽ خيرپور ضلعن جا ڪيترائي ڪچي وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جتي هزارين ماڻهو خطري هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته انتظاميه توڙي ايريگيشن عملو اگهور ننڊ ستل آهي، وهڪرن جي واڌ سبب سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڪچي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جتي ڪيترن ئي ڳوٺن جا رابطا ڪٽجي ويا آهن، ان سلسلي ۾ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه ۽ ايريگيشن کاتو مدد ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪچي جي علائقن جا غريب علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت بچاءُ بندن ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا آهن، علائقي واسين الزام لڳايو آهي ته هر سال ٻوڏ دوران ايندڙ فنڊز کي هڙپ ڪيو ويندو آهي، عملي طور تي نه ڪو بند مضبوط ڪيو ويندو آهي نه ئي ڪا اڳواٽ تياري ڪئي ويندي آهي.