ڇا آڪاش انصاري کي قتل ڪندي ڏٺو؟ جوابدار جي ڪاوڙ، حليمان ساڻس گڏ ويٺي!

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعري ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي حيدرآباد جي عدالت ۾ ٿي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصورعلي راجپوت جي عدالت قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس جي فريادي جان محمد انصاري پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو ۽ فريادي کان بچاءُ واري وڪيل جرح مڪمل ڪئي، قتل ڪيس ۾ ڪيس جي شاهد علم الدين انصاري جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو، ٻڌڻي تي ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ نامزد جوابدار لطيف آڪاش کي سينٽرل جيل کان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش جي بيواھه حليمان انصاري نامزد جوابدار سان گڏ عدالت ۾ ويٺل رهي، لطيف آڪاش جي وڪيل سهيل راجپوت ڪيس جي شاهد علم الدين انصاري کان جرح ڪئي، جنهن دوران علم الدين انصاري بيان ڏنو ته ڊاڪٽر آڪاش کي لطيف آڪاش قتل ڪيو ۽ ان جي لاش کي ساڙيو، فريادي ڌر پاران وڪيل سهيل نوتڪاڻي عدالت ۾ پيش ٿيو، شاهد ۽ فريادي جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ٿي وئي، عدالتي فيصلي موجب آڪاش انصاري جو قتل ڪيس شيڊول تحت هفتي ۾ ٽي ڀيرا هلايو ويندو، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڳواٽ ئي اڄ ۽ چوٿين آگسٽ تي مقرر ڪيل آهي، ٻڌڻي کانپوءِ جوابدار طور نامزد لطيف آڪاش انصاري صحافين جي سوال پڇڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته توهان مونکي قتل ڪندي ڏٺو آهي ڇا، ڇا توهان آڪاش انصاري جا وارث آهيو، ڇا توهان ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جو سوال ٿا پڇو، آئينده پنهنجا ڇاڙتا نه وٺي ايندو ڪر.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.