دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ جامع حڪمت عملي تي عمل ڪيون پيا: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگرد تنظيمن جي مڪمل خاتمي لاءِ هڪ جامع ۽ مؤثر حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، ۽ دنيا دهشتگردن خلاف اسان جي ڪامياب ڪارروائين کي مڃي ٿي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي خاتمي ۽ رياستي رٽ قائم ڪرڻ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فِيلڊ مارشل عاصم منير ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستاني رياست دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ عالمي برادري اسان جي ڪامياب ڪارروائين جي واکاڻ ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي بهادر جوانن جو ڪردار ساراهه لائق آهي، ۽ پنهنجي جان قربان ڪندڙ اهلڪارن جي خاندانن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ادارا مڪمل طور تي متحد آهن. وزيراعظم چيو ته آپريشن ردالفساد ۽ ضرب عضب دوران بهادر فورسز دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪيو، ۽ دنيا پاڪستان جي انهن تاريخي ڪاميابين کي تسليم ڪيو آهي. فتنه هندوستان ۽ فتنه خوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسمگلنگ خلاف لاڳاپيل ادارن گڏجي مؤثر ڪارروائيون ڪيون، جن جي نتيجي ۾ معيشت تي سٺا اثر پيا. هن چيو ته دهشتگردي کان پاڪ، مضبوط رياستي ڍانچو ئي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت نظام جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪس سسٽم ۾ بهتري لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.