اسلام آباد (بيورو+م ڊ)پشتنونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هر ادارو رشوت ۾ ٻڏل آهي، عدليه رشوت وٺي ٿي، پارليامينٽ ميمبر رشوت وٺن ٿا. شهباز شريف، سندس پارٽي ۽ آرمي چيف کي پاڪستان عزيز آهي ته کين گهرجي ته عوام تي ڀروسو ڪن،اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچ چريا آهن جو اوهان سان وڙهن ٿا؟ ڇا ڪو پشتون ۽ سنڌي چريو آهي جو اوهان سان وڙهي؟ باجوڙ ۾ قتل عام ٿي رهيو آهي، ڪرفيو لاڳو آهي، هيليڪاپٽر بمباري پيا ڪن. تيرا ۾ ماڻهن کي ماريو ويو. باجوڙ وارن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ اوهان ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيو؟ اسان هوٽل ۾ ڳالهائڻ وارا هئاسين ته اسان کي روڪيو ويو، جج صاحب کان پڇان ٿو ته ڇا آئين اجازت نٿو ڏئي؟ پي ٽي آءِ ميمبر فارغ ڪيا پيا وڃن، انهن جا ماڻهو جيلن ۾ آهن. اسان عوام کي چئون ٿا ته آئيني ۽ غيرآئيني قوتن جو جهيڙو شروع ٿي چڪو آهي. هڪ آئين جي حڪمراني ٻيو بندوق جي زور تي ماڻهن جون وفاداريون خريد ڪري ملڪ کي هلائڻ چاهي ٿو. اسان آئين تي يقين رکڻ وارن، پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکڻ وارن کي چئون ٿا ته اسان جو ساٿ ڏيو. اوهان سنڌين کي چئو ته اوهان جي وسيلن تي اوهان جي اولاد جو پهريون حق آهي. بلوچن کي چئو ته وسيلن تي اوهان جو حق آهي.جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو ته هن وقت سڄو پاڪستان ساڳئي قسم جي غلامي ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري سياست، جمهوريت ۽ سموري آئيني جدوجهد کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، گم ٿيل جيئرن ماڻهن جا خاندان سڏڪا ڀري رهيا آهن، اين ڊي ايم اڳواڻ محسن داوڙ چيو ته بلوچن ۽ پختونن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي،آپريشن ٿي رهيا آهن،تيره وادي،ٽانڪ ۽ باجوڙ ۾ ماڻهو ماريا پيا وڃن،سابق گورنر سنڌ محمد زبير چيو ته عوام هاڻوڪي حڪومت سان گڏ ناهي، ملڪ ۾ لاووپچجي رهيو آهي، ۽ جيترو وڌيڪ ان کي دٻايو ويندو، اوترو زور سان اهو ڦاٽندو، ۽ جڏهن اهو ڦاٽندو ته پاڪستان لاءِ نقصانڪار ٿيندوجي يو آءِ جي مولانا ڪفايت الله چيو ته فاٽا ۾ بمباري ڪئي پئي وڃي،پختونن کي مهاجر بڻائي انهن علائقن ۾ موجود معدنيات تي قبضو ڪيو ويندو، افغانستان کي به ڪاوڙ اچي وئي ته پوءِ توهان ڪٿي لڪندو؟پاڪستان ۾ باهه لڳائي پئي وڃي، اسان جو ڪو به گناهه ناهي،ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اسان زندهه رهون ۽ توهان معدنيات کڻي وڃو،باجوڙ ۾ به اي پي سي ڪوٺائي وڃي،وڪيل اڳواڻ رابعه باجوا چيو ته 26هين ترميم اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ آمريت جو معاهدو آهي،افسوس جو ان معاهدي تي صحيحون ڪندڙ جماعتن جي ڪارڪنن جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون هيون،ان ترميم جنرلن کي مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان جي جمهوريت کان استعيفيٰ ورتي وئي آهي،جمهوريت رٽائر ٿي وئي آهي ۽ جنرلن جو ملڪ تي قبضو ٿي ويو آهي،آئين هاڻي رڳو قابض ادارن جو تحفظ نه پيو ڪري،جماعت اسلامي جي اڳواڻ سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ڪينگرو ڪورٽن جي فيصلن جي مذمت ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سزائن جو فيصلو عوام جي حق حڪمراني ۽ جمهوريت جي توهين اهي،هن وقت آئين ناهي،اليڪشن ڪميشن هن وقت آمريت جي لونڊي بڻيل آهي،پارليامينٽ غلام،آڱوٺي ڇاپ،رٻڙاسٽيمپ ۽ اسڪرپٽڊ ڪارروائي جو مرڪز آهي،هن وقت جيڪي اليڪشن کٽي آيا آهن اهي جيلن ۾ آهن ۽ جيڪي هارائي ويا آهن انهن کي پارليامينٽ ۾ آندو ويو آهي،ميڊيا جي ڳلو دٻايو ويو آهي،هن چيو ته وفاق صوبن ۾ معدنيات،تيل گئس ۽ ٻين ذخيرن تي قبضا ڪري رهيو آهي،راولپنڊي جو ٽولو صوبن جو اختيار تسليم نه پيو ڪري،وڪيل اڳواڻ رياست علي آزاد چيو ته حڪمران ٻڌي وٺن ته اقتدار ٿوري وقت لاءِ هوندو آهي،اسان آئين ۽ قانون چاهيون ٿا،ڪاري ڪوٽ وارا آئين ۽ قانون لاءِ جدوجهد ڪندا،جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته اسان هڪ دائري ۾ ئي گهمي رهيا آهيون،73ع جي آئين سان ئي رياست اڳتي وڌي پئي سگهي،ارڙهين ترميم بهترين قدم هو پر بدقسمتي سان اسان مڪاني نظام ٺيڪ نه ڪري سگهياسين،هاڻي ان ترميم تي تنقيد ڪري چيو پيو وڃي ته صوبن کي تمام گهڻي خودمختياري ملي وئي آهي،بلوچستان کي جيڪي فنڊ ملن ٿا حڪومتون انهن کي خراب نموني استعمال ڪن ٿيون،اهو ئي حال سنڌ جو آهي، 18 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي آهي،اڄڪلهه ته ”سسٽم“ جون ڳالهيون هر وات تي آهن،طاقتورن جي اعلان باوجود اهو سسٽم ختم ناهي ٿيو،سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪرپشن جو عنصر اسان کي ساهه کڻڻ به نٿو ڏئي،هاڻي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته سنڌو درياهه ته پاڪستان بڻجڻ کان اڳ جو آهي،ان تي به سنڌين جو حق تسليم نٿو ڪيو وڃي،هن چيو ته محترمه جي شهادت کانپوءِ قيادت جووڏو بحران آهي،معذرت سان ميان نوازشريف به منظر تان غائب آهي،سمجهوتن سان ن ليگ به ختم ٿي چڪي آهي،هن وقت سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ عمران خان آهي،معذرت سان هن جي پارٽي ڇا ڪري رهي آهي؟26هين ترميم پاس ڪرڻ کانپوءِ بلاول عوام کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟توهان پنهنجي ليگيسي کي ڪٿي آڻي بيهاريو آهي،اسان 26هين ترميم،پيڪا ايڪٽ،پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪريون،اي اين پي جي اڳواڻ احسان الله خان چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو وارن تي به محمود اچڪزئي وڏو ڀروسو ڪيو پر هو ميدان تي بيٺو آهي،آئين ۾ ئي اسان محڪوم قومن کي تحفظ ملي ٿو،پنجاب ۽ سنڌ جي دوستن کان پڇان ٿو ته ڪي پي ۽ بلوچستان وارن جو به حال پڇو،سابق سينيٽر لشڪري رئيساني چيو آهي ته "اسان ڪيترائي آل پارٽيز ڪانفرنسون (اي پي سيز) ڪري چڪا آهيون، پر انهن مان ڪو نتيجو ناهي نڪتو. هاڻي سياسي جماعتن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اهي آئين جي بالادستي لاءِ بيهنديون يا رڳو اقتدار بچائڻ لاءِ؟””بلوچستان کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي،دنيا شفاف اليڪشن ڏانهن وڌي رهي آهي، پر اسان اڃا تائين تڪراري چونڊون وڙهي رهيا آهيون. ڇا ڪنهن به سياسي جماعت عدالتي سڌارن تي ڪو واضح روڊ ميپ ڏنو آهي؟بلوچستان کي ڪالوني بڻائڻ لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ به هن بحران جا ذميوار آهن،مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سمورين سياسي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا،