لوڪ سڀا ۾ گرما گرمي ، مودي ۾ اندرا گانڌي جهڙي همت آهي ٽرمپ کي ڪوڙو چوي\راهل گانڌي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي لوڪ سڀا جي ميمبر امريندر سنگهه راجا پاڪ – ڀارت جنگ دوران رافيل جهاز ڪِرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. آپريشن سندور جي ناڪامي جا چرچار ڀارتي لوڪ سڀا ۾ به پهچي ويا، جتياپوزيشن طرفان نريندر مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مخالف ڌر جماعت ڪانگريس سان واسطو رکندڙ لوڪ سڀا جي ميمبر امريندر سنگهه راجا چيو ته پنجاب ۾ بسيانه ايئر فورس اسٽيشن وٽ هڪ ويڙهاڪ جهاز جو ملبو ڪريو، اهو ملبو رافيل جهاز جو هو، جنهن تي 001-BS لکيل هو.هن اجلاس دوران جهاز جي ملبي جون تصويرون به ڏيکاريون.   ڀارتي گهرو وزير وزير امِت شاهه لوڪ سڀا ۾ خطاب دوران اڳوڻي گهرو وزير پي. ڪي. چدمبرم جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. امِت شاهه لوڪ سڀا ۾ سوال اٿاريو ته چدمبرم پاڪستان کي ڪلين چٽ ڇو ڏني؟ پاڪستان کي بچائي توهان کي ڇا ملندو ؟ هن دعويٰ ڪئي ته اسان وٽ ثبوت آهن، دهشتگردن وٽان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ چاڪليٽ هٿ آيا آهن ۽ واقعي ۾ ملوث 3دهشتگرد آپريشن ” مهاديو “ مارجي ويا آهن.   ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي لوڪ سڀا ۾ تقرير ڪندي مودي ۽ ان جي سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي.راهول گانڌي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪا جنگبندي نه ڪئي ۽ پاڪ فضائيا ڀارت جا جهاز نه ڪيرايا ۽ مودي ۾ اندرا گانڌي جهڙي همت آهي ته توهان لوڪ سڀا ۾ بيهي چئو ٽرمپ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. پريانڪا  گانڌي چيو ته جنگ روڪڻ جو اعلان ڀارتي حڪومت نه پر ٽرمپ ڪري رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.