ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪري ڇڏي. عدالت ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي پوليس وٽ داخل ايف آءِ آر ختم ڪري ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر کي برقرار رکڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي. ميرپورخاص جي سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس ھٿان جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي هاءِ پروفائيل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي ٻڌڻي ۾ ٻنھي ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران عدالت سڳوري ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي فريادي ابراهيم ڪنڀر جي فرياد تي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 47 کي ختم ڪري، ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 21 کي برقرار رکندي ان ايف آءِ آر موجب ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالت پاران سنڌڙي ٿاڻي جي ايف آءِ آر کي ختم ڪري ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر کي برقرار رکڻ جو حُڪم ڏيڻ بعد عدالت پاران ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي. عدالتي فيصلي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد عدالت ٻاھران جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھن ڪيس جي ھڪ ايف آءِ آر سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي ھئي پر جڏھن عدالت جي حُڪم تي جاچ ايف آءِ اي حوالي ٿي ته ايف آءِ اي پاران هڪ وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ھئي. ٻن ايف آءِ آر داخل ٿيڻ واري مامري تي عدالت سڳوري سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر کي ختم ڪري ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر کي برقرار رکي ان مطابق ڪيس هلائڻ جو حُڪم ڏنو آھي عدالت آئين جي آرٽيڪل 13 جي تحت هڪ ڪرائم جون ٻه ايف آءِ آر داخل نه ٿيون ٿي سگھن هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن ۽ نه وري پوليس ۽ ايف آءِ اي کين گرفتار ڪري رهي آهي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جون پگھارون بند ڪرڻ ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرايا ويندا ته جيئن عدالت ۾ پيش ٿين .جڏهن ته جوابدار ڌر جي وڪيل ڪامران ڀٽي عدالت ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي عدالت کي استدعا هئي ته سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 47 کي برقرار رکيو وڃي پر عدالت ان کي ختم ڪري ايف آءِ اي وٽ داخل ڪيل ايف آءِ آر برقرار رکيو آھي. عدالت جي تفصيلي آرڊر اچڻ بعد اسين ان معاملي کي ڏسنداسين ته اسان کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي ٻيطرف سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاڳيراڻي عدالت ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ان ڪيس جي 80 سيڪڙو جاچ مڪمل ڪئي آهي عدالت سڳوري سنڌڙي پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر کي ختم ڪيو آھي پوليس پاران ڪيل جاچ رپورٽ برقرار رھندي ۽ ڪيس جو حصو رهندي. جوابدارن پاران گرفتارين کان اڳ وارين ضمانتن جي حوالي سان سوال ڪرڻ تي هن چيو ته سنڌڙي ٿاڻي واري ايف آءِ آر ختم ٿيڻ بعد ڪرايل حفاظتي ضمانتون ۽ پڪيون ضمانتون پڻ ختم ٿي وينديون .