ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلاميءَ جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ جي اختيارن تي ڪنهن کي نانگ بڻجي ويهڻ نه ڏينداسين. ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچيءَ کي ان جو جائز حق ۽ ميئر کان محروم ڪيو ويو آهي، هاڻ ته گاڏيءَ جون نمبر پليٽون به اسان کان ٻيهر ٺهرائي پيون وڃن.جماعت اسلاميءَ جي امير جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسڪولن جو معيار بهتر بڻايو وڃي. تعليم لاءِ 631 ارب رپين جو بجيٽ آهي، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 62 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جن مان صرف سنڌ ۾ ئي 1 ڪروڙ ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. هن چيو ته گلبرگ ۾ تعليمي ڪارڊ جو آغاز ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي، ان ڪارڊ کي سموري ڪراچيءَ ۾ ڦهلائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن اهو به چيو ته جماعت اسلامي هن شهر جي حقن تان هٿ نه کڻندي، انهن ٻارن کي بهترين تعليم ڏيڻ گهرجي، انهن کي منشيات جو عادي نه پر بهترين انسان بڻائڻو آهي.