اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي ون (چترال) مان چونڊيل تحريڪ انصاف ميمبر عبداللطيف چترالي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
اي سي پي ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن عبداللطيف چترالي جي سيٽ خالي قرار ڏئي ڇڏي آهي، کيس 9 مئي وارن ڪيسن ۾ سزا ملڻ جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان محفوظ ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته عبداللطيف چترالي کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جنهن سبب کيس آئين جي آرٽيڪل 63 (ون) (ايڇ) تحت نااهل قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته آئين جي مطابق جيڪڏهن ڪنهن رڪن کي ٻن سالن کان وڌيڪ سزا ملي ٿي ته اهو نااهل قرار ڏنو ويندو.
Prev Post
You might also like