پارڪن ۽ عوامي هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي صحت جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي هاڻ پارڪن ۽ عوامي هنڌن کي نو اسموڪنگ زون قرار ڏئي سگريٽ ڇڪڻ ۽ ان جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
اهو فيصلو پنجاب حڪومت طرفان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سڄي صوبي جي پارڪن ۽ عوامي هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ ۽ وڪڻڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ان بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
سيڪريٽري هائوسنگ نورالامين مينگل جي هدايت تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق عوامي هنڌن تي نه رڳو سگريٽ ڇڪڻ پر ان جي وڪري تي به پابندي هوندي ۽ ڀڃڪڙي ٿيندي ته ان خلاف 2002ع جي سموڪنگ آرڊيننس جي سيڪشن 5 ۽ 7 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پارڪن اندر عام سگريٽ، اليڪٽرانڪ (اي سگريٽ) ۽ ويپ جي وڪري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته ٽڪ شاپن، ڪيفين ۽ وينڊنگ پوائنٽن تي به سگريٽ وڪڻڻ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پارڪن ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي روڪٿام لاءِ نو سموڪنگ وارا بورڊ ۽ هدايتي پينل لڳايا ويندا، جڏهن ته پارڪ جو عملو ان پابندي تي عملدرآمد جي نگراني جو ذميوار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.