اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجڻ سبب پاڪستان ۾ پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پهرين آگسٽ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 82 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 73 پيسا لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 3 رپيا 55 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اوگرا طرفان 31 جولاءِ تي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي، اگهن جي لاٿ جي حتمي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو.
شروعاتي تجزين موجب حڪومت اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي.
You might also like