ڪرشما ڪپور اڳوڻي مڙس جي موت کانپوءِ سندس 31 هزار ڪروڙ جي مليڪت مان حصو گهري ورتو

ماضي ۾ جنسي تشدد جا الزام هڻندڙ ڪرشما ڪپور مڙس جي موت کانپوءِ 31 هزار ڪروڙ رپين جي ملڪيت مان حصو گُهري ورتو
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ماضي جي مشهور اداڪارا ڪرشما ڪپور پنهنجي اڳوڻي مڙس جي ديهانت کانپوءِ سندس 31 هزار ڪروڙ رپين جي ملڪيت مان پنهنجو حصو گهري ورتو.
واضح رهي ته ڪرشما ڪپور 2003ع ۾ ڪاروباري شخصيت سنجي ڪپور سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻن ٻارن ڌيءَ ’سمرن‘ ۽ پٽ ’ڪيان‘ جو اولاد آهي.
سنجي ڪپور ۽ ڪرشما ڪپور وچ ۾ شاديءَ جي ڪجهه سال بعد ئي تڪرار شروع ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ٻنهي 2014ع ۾ ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 2015 ۾ ٻنهي جو رشتو طلاق تي ختم ٿيو.
طلاق کانپوءِ 2016ع ۾ ڪرشما ڪپور اڳوڻي مڙس تي گهريلو تشدد ۽ جنسي هرسانيءَ جا سنگين الزام مڙهيا هئا.
اداڪارا مختلف انٽرويوز ۾ ٻڌايو هو ته سنجي ڪپور ساڻس شادي رڳو شهرت ۽ دولت جي ڪري ڪئي هئي ۽ هن اِها به دعويٰ ڪئي هئي ته مڙس کيس پيسن عيوض وڪڻي ڇڏيو هو.
ڪرشما ڪپور الزام لڳائيندي چيو هو ته ”هني مون“ وقت ئي مڙس مٿس دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ته هوءَ سندس دوستن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪري.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اداڪارا جو اڳوڻو مڙس سنجي ڪپور 53 ورهين جي عمر ۾ هلندڙ سال جون ۾ دل جي دوري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بعد هاڻي خبرون سامهون آيو آهن ته اداڪارا اڳوڻي مڙس جي دولت مان حصو گهريو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سنجي ڪپور جي وفات کانپوءِ سندس ملڪيت تي تڪرار شروع ٿي ويو آهي، سندس ماءُ به ملڪيت بابت بيان ڏنو ته هوءَ ئي پٽ جي ڪمپني جي وڏي شيئر هولڊر آهي.
سنجي ڪپور جي ماءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي موت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ئي مٿس جائيداد، دولت ۽ ڪمپني جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
جيتوڻيڪ سنجي ڪپور جي ماءُ پٽ جي اڳوڻي زال ڪرشما ڪپور جو ذڪر نه ڪيو، پر ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب اداڪارا پنهنجو حصو گهري ورتو آهي.
رپورٽن موجب، ڪرشما ڪپور اڳوڻي مڙس ۽ پنهنجي ٻارن جي پيءُ جي 31 هزار ڪروڙ رپين جي ملڪيت مان ٻارن جي حصي جو مطالبو ڪيو آهي، پر ان حوالي سان باظابطا طور بيان جاري ناهي ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.