اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هن سال زائرين کي ايران ۽ عراق روڊ ذريعي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، رڳو فضائي سفر جي اجازت هوندي، محسن نقوي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي پيغام ۾ چيو ته زيارت اربعين لاءِ عراق ۽ ايران جي فضائي سفر جي اجازت ڏني وئي آهي،هن وضاحت ڪئي ته اهو فيصلو پرڏيهي وزارت، بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي مشاورت سان عوام جي تحفظ ۽ قومي سلامتي جي لاءِ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پي آءِ جي ترجمان موجب 8 کان 11 آگسٽ دوران ڪراچي کان 4 اڏامون روانو ٿينديون، جڏهن ته زائرين جي واپسي لاءِ نجف کان 18 کان 21 آگسٽ تائين اڏامون شيڊول ڪيون ويون آهن، ٻئي پاسي محسن نقوي وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪري زائرين بابت نئين پاليسي جي حوالي سان کيس بريفنگ ڏني.