سگا پاران سال 2025 کي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جو سال ڪري ملھائڻ جي اعلان

ڪراچي (پ ر) سگا پاران سال 2025 کي سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جو سال ڪري ملھائڻ جي اعلان سان گڏ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پاڪستان جي ڪورٽن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي ڪائونسل آف ميمبرس جو اجلاس سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ سگا جي 150 کان مٿي رضاڪارن شرڪت ڪئي.
ھن اجلاس جي صدارت چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي، اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي ھلائي، رپورٽنگ سيڪريٽري اطلاعات احمد حسن پنهور ڪئي، وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا آيل سڀني ساٿين جا ٿورا مڃيا.
اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، تلاوت جي سعادت شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت ماڻي، پوءِ شاھه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت عبداللطيف ڪرٽيو ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي پڙھيا، جنرل سيڪريٽري اڳين ڪارروائي پڙهي ٻڌائي جيڪا گڏيل طور تي بحال ڪئي وئي.
اڳواڻن چيو ته سگا پنھنجي تاريخ ۾ مسلسل جدوجهد ڪئي آهي ۽ ھر دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو آهي، ھن سال فيبروري مھيني ۾ اسان جي 40 کان وڌيڪ شاخن ۽ سگا مرڪز سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا، پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ 70 کان وڌيڪ شاخن مظاهرا ڪيا، پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.
آيل سگا جي ساٿين چيو ته اسان وٽ 11 ھزار ميمبر آهن، اسان ھمت ڪنداسين ته اسان جي ھر جدوجهد ڪامياب ٿيندي.
سڀني دوستن پنھنجون تجويزن لکت ۾ سيڪريٽري جنرل وٽ جمع ڪرايون، ساٿين چيو ته سگا جي سڀني شاخن کي متحرڪ ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ مئگزين سگا سماچار جي مھورت ڪرائي وئي ۽ سڀني آيل ساٿين کي مئگزين ڏنو ويو.
آخر ۾ سگا جي وڇڙي ويل ساٿين لاءِ سائين غلام علي لاشاري صدر سگا جوھي شاخ کي دعا لاءِ چيو ويو، جنهن قل شريف پڙهي دعا گھري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.