حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)جهمپير جي سياسي سماجي اڳواڻن بابر علي سومرو، جاويد سومرو ، شڪيل سومرو، شاهزيب سومرو،نويد سومرو ، بلاول سومرو ، جهانزيب سومرو ، شبير سومرو ، قادر سومرو ، شوڪت سومرو ، حسين سومرو ، نذير سومرو ، شهزاد سومرو ، نياز سومرو ، اويس سومرو ۽ انور سومرو قومي عوامي تحريڪ جي جدوجھد ۽ نظريي کان متاثر ٿي اياز لطيف پليجو جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو،اياز لطيف پليجو چيو ته حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن. پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي، سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا،هن چيو ته  سنڌ ۾ صنعتي زون نه ھجڻ ۽ زرعي تباھي جي ڪري بيروزگاري وڌي وئي آھي،پاڪستان ۾ حڪمران ۽ سرمائيدار طبقي لاءِ سموريون سھولتون آھن پر ھاري، مزدور ۽ غريب عوام لاءِ زندگي جھنم بڻيل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.