ڊيمن جون سموريون رٿائون سنڌ دشمن ۽ درياھ دشمن آهن: نواز خان زئور

نندو(ن ع آ)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته  ڊيمن جون سموريون رٿائون سنڌ دشمن ۽ درياھ دشمن آهن. وفاقي حڪمران جيستائين ڊيمن جي رٿائن تان هٿ نه کڻندا، تيستائين سنڌو درياھ لاءِ خطرا موجود هوندا. برساتن جي ڪري آيل پاڻي جي بهاني سان واڌو پاڻيءَ جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن ۽ ڊيمن لاءِ جواز گهڙيا پيا وڃن،جيڪي حقيقتن تي ٻڌل نه آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نندو لڳ ڳوٺ اسڪيپ موري ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ڪارڪن اعظم فاروقي جي امڙ ۽ اڳوڻي صحافي فدا حسين فاروقي جي گهر واريءَ جي لاڏاڻي تي ساڻن تعزيت ڪرڻ دوران تڏي تي ڳالهائيندي ڪيو.،هن چيو ته سنڌين کي پنهنجو درياھ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.