عمران خان جا پٽ خوشي سان پاڪستان اچن ۽ احتجاج ڪن: عرفان صديقي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جا پٽ خوشي سان پاڪستان اچن، هننبرطانيا ۾ جيڪي احتجاج جا طريقا ڏٺا آهن، انهن مطابق بيشڪ هتي به احتجاج ڪن، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي تحريڪ کان ڪو به خوف ناهي، 5 آگسٽ ۾ صرف 10 ڏينهن رهجي ويا آهن.

، ڳالهين لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن، پر ڇت تي چڙهي پي ٽي آءِ کي آواز نه ڏينداسين، هن واضح ڪيو ته 26 هين ترميم کانپوءِ حڪومت هن وقت اهڙي ڪنهن به ترميم تي ڪم نه پئي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.