جنت مرزا باليووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندڙن مٿان ڀڙڪي پئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار تي تنقيد ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي پهرين جوڙ واري ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا تنقيد ڪندڙن تي ڏمرجي پئي.

فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي سخت اسٽوري شيئر ڪندي ٽڪ ٽاڪر تنقيد ڪندڙن کي ساڙوٽا قرار ڏئي ڇڏيو.

سندس شيئر ڪيل انسٽا اسٽوري جي موجب گهڻي قدر ماڻهو شو آف نه ڪرڻ بدران پنهنجون خوشيون ۽ ڪاميابيون شيئر ڪري رهيا هوندا آهن.  جيستائين توهان انهن ڳالهين کي ساڙ جي نظر سان نه ڏسو.

ان سان گڏ هن ساڙ ڪندڙن کي پنهنجو پاڻ کي درست ڪرڻ جو مشورو به ڏنو آهي.

ياد رهي ته جنت مرزا جو پراڻو انٽريو وري تازو ئي وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو هو ته کيس باليووڊ ۾ اداڪار ڪارتڪ آريان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي جنهن تي هن انڪار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.