اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪر ثناء يوسف قتل ڪيس ۾ پوليس چالان پراسيڪوشن برانچ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
رپورٽ موجب عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ نوجوان عمر حيات کي قاتل ڪرا ڏنو ويو آهي ۽ ان جو 164 جي تحت ڏنل اعترافي بيان جو جو به حوالو پيش ڪيو ويو آهي.
راجا نويد ڪياني ۽ محمد عدنان تي ٻڌل پراسيڪيوشن جي ٻه رڪني ٽيم چالان جي جاچ پڙتال ڪئي.
اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ تي چالان عدالت ۾ جمع ٿيندو، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل جج جي سامهون ٽرائل جي شروعات ٿيندي.
ياد رهي ته سترهن سالن جي ٽڪ ٽاڪر ثناء يوسف کي عمر حيات نالي ڇوڪري دوستي نه رکڻ تي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.