وفاق طرفان سنڌ کي گذريل مالي سال حصي کان هڪ کرب 42 ارب 94 ڪروڙ رپيا گهٽ ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان سنڌ کي گذريل مالي سال ۾ حصي کان هڪ کرب 42 ارب 94 ڪروڙ رپيا گهٽ ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب، اين ايف سي ايوارڊ، تيل، گئس، معدنيات جي رائلٽي ۽ آڪٽراءِ جي مد ۾ سنڌ جو حصو 17 کرب 96 ارب 10 ڪروڙ رپيا هو، پر وفاق کان رڳو 16 کرب 53 ارب 16 ڪروڙ رپيا مليا، جيڪا رقم حصي کان 8 سيڪڙو گهٽ آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 16 کرب 23 ارب 3 ڪروڙ رپين مان سنڌ کي 14 کرب 91 ارب 43 ڪروڙ رپيا مليا، يعني هڪ کرب 31 ارب 6 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل، گئس ۽ معدنيات جي رائلٽي ۾ به سنڌ کي 6 ارب 54 ڪروڙ رپيا گهٽ مليا، جڏهن ته آڪٽراءِ ضلعي ٽيڪس جي مد ۾ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا حصي کان گهٽ ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.