برطانيا تي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي: تجزئي نگار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بي بي سي جي عالمي مامرن جي چيف ۽ تجزئي نگار ڊوسيٽ چيو آهي ته برطانيا تي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
اڪثر چيو ويندو آهي ته وقت ئي سڀ ڪجهه آهي، فرانس ڪيئي مهينن کان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اشارو ڏئي رهيو هو ۽ نيٺ غزا جي مايوس ڪندڙ صورتحال بابت وڌندڙ پريشاني سبب اهو فيصلو ڪيو ۽ گڏوگڏ عالمي طاقتن تي مايوسي جو اظهار پڻ ڪيو ته هو غزا ۾ اِهو سبب روڪڻ جي قابل ناهن.
فرانس کي اميد آهي ته جڏهن هو سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ باظابطا طور تي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو ته ٻيا ملڪ به ان جي پيروي ڪندا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ياد رهي ته مئي ۾ اسپين، آئرلينڊ ۽ ناروي به اهو قدم کنيو هو، جڏهن ته گهڻا ملڪ اڳ ئي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري چڪا آهن.
فرانس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ وڏن صنعتي ملڪن جي گروپ جِي سيون جو پهريون ميمبر هوندو جيڪو اهو قدم کڻندو.
فلسطيني سفير رياض منصور بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل ان کي ”دهشتگردن لاءِ هڪ انعام“ قرار ڏئي مذمت ڪري ٿو، جڏهن ته آمريڪا هن وقت فرانس طرفان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ کي ”غيرذميواراڻي “ فيصلي طور ڏسي ٿو.
هاڻي برطانيا ۽ جرمني جهڙن ملڪن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته هو پنهنجن سفارتي هٿيار استعمال ڪن، ڇو ته غزا ۾ فلسطينين جو مستقبل ڏينهون ڏينهن اونداهون ٿيندو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.